واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا پاڪستان جي 30 ڪروڙ ڊالر يعني 36 ارب 90 ڪروڙ رپين جي امداد روڪڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو. پينٽاگون جي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل ڪون فالڪنر چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ناهي ڪئي، تنهنڪري 30 ڪروڙ ڊالر جي امداد روڪي وئي آهي، جيڪڏهن ڪانگريس منظوري ڏني ته اها رقم ٻين هنگامي ترجيحن تي خرچ ڪئي ويندي. پينٽاگون جي ترجمان چيو ته امداد روڪڻ جو فيصلو آمريڪي دفاع واري وزير ڪيو. آمريڪا امداد روڪڻ جو قدم اهڙي وقت ۾ کنيو آهي، جڏهن آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ جنرل جوزف ڊنفورڊ کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي. ٻئي طرف آمريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته امداد جي معطلي جو نوٽيفڪيشن سيپٽمبر جي آخر تائين پاڪستان ڏانهن اماڻڻ جو امڪان آهي. 2002 کان هن وقت تائين پاڪستان کي 33 ارب ڊالر جي امداد ملي چڪي آهي، جنهن ۾ 14 ارب ڊالر ڪوليشن سپورٽ فنڊز جا به شامل آهن. آمريڪا جي الزامن تي پاڪستان جو موقف رهيو آهي ته سڀني دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ وزيرستان ۾ آپريشن ان جو واضح ثبوت آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروع ۾ به ڪانگريس پاڪستان جي 50 ڪروڙ ڊالر جي امداد روڪي هئي، اهڙي طرح روڪي امداد جي مجموعي ماليت 80 ڪروڙ ڊالر ٿي وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا امداد نه پر ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي اها رقم روڪي آهي، جيڪا پاڪستان دهشتگردي خلاف خرچ ڪري چڪو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي آمريڪي بچاءَ واري کاتي طرفان 30 ڪروڙ ڊالر امداد رد ڪرڻ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته 5 سيپٽمبر تي آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، ڪوشش هوندي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا بهتر بڻايون، آمريڪي پرڏيهي وزير سان نئين رشتي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ سندس خدمت ۾ پنهنجو نڪتو پيش ڪنداسين. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان قربانيون ڏنيون، اسان جو عزم آهي ته خطي ۽ دنيا کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيون. سندس چوڻ هو ته آمريڪا امداد نه پر اتحادي سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ڊالر ڏئي رهيو هو، آمريڪا کي رقم مدد لاءِ نه پر ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ڏيڻي هئي، اهو اسان جو پئسو آهي ۽ اسان خرچ ڪيو، اهو پئسو امن، استحڪام لاءِ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي خرچ ٿيو، هي اهو پئسو آهي جيڪو پاڪستان پنهنجي وسيلن سان خرچ ڪيو ۽ آمريڪا کي موٽائي ڏيڻو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ئي فنڊ معطل ڪري ڇڏيو هو، اهو تاثر نه ڏنو ته هي ڇا ٿي ويو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ملڪي مفاد ۾ آهي، پاڪستان اندرين سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته گڏيل مفادن کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟