صدارتي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، اپوزيشن گڏيل اميدوار تي متفق نه ٿي سگهي، عارف علوي، اعتزاز ۽ فضل الرحمان وچ ۾ دنڱل

اسلام آباد (بيورو) صدارتي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عارف علوي، اعتزاز احسن ۽ فضل الرحمان ميدان تي لٽل، اپوزيشن جون گڏيل اميدوار آڻڻ واريون ڪوششون ناڪام پاڪستان جي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ سڀاڻي اڱاري تي ٿيندي، سينيٽ، قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ڳجهي ڳڻپ ذريعي نئين صدر جي چونڊ ڪندا، تحريڪ انصاف جو ڊاڪٽر عارف علوي، پ پ جو اعتزاز احسن، مسلمليگ ۽ ايم ايم اي جو اميدوار مولانا فضل الرحمان اميدوار طور ميدان ۾ لٿل آهن جڏهن ته اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان مان ڪنهن هڪ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ڪوششون ناڪام ٿي ويون صدر جي عهدي تي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ايوانن کي پولنگ اسٽيشنز جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ پولنگ جو عمل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت شروع ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۽ ٻين چئني هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين ۾ پرزائيڊنگ آفيسر طور ذميواريون نڀائيندا. رجسٽرار سميت ٻيا آفيسر پولنگ آفيسر طور مدد ڪندا اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊ لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اليڪٽورل ڪاليج ڇهن يونٽن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سينيٽ، قومي اسيمبلي، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون شامل آهن. ٻئي طرف صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر گڏيل اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پ پ اڳواڻن خورشيد شاهه ڪالره ۽ اعتزاز احسن فضل الرحمان کان هٿ کڻڻجو مطالبو ڪيو پر فضل الرحمان انڪار ڪري ڇڏيو فضل الرحمان شهباز شريف سان ملاقات ڪري معاملي کان آگاهه ڪيو فضل الرحمان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪندي چيوته اعتزا ز احسن  کي هٿ کڻڻ گهرجي گڏيل اپوزيشن جون گڏيل اميدوار آڻڻ جون آخري ڪوششون به ناڪام ٿي ويون صدارتي چونڊ لاءِ 3 اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں