مڪاني نظام تبديل ڪرڻ بابت ڪميٽي قائم، ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان مڪاني نظام تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي هفتي اندر رپورٽ  پريش ڪرڻ جي هدايت وزيراعظم عمران خان مڪاني نظام تي ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مڪاني نظام کي تبديل ڪرڻ بابت غورويچار ڪيو ويو وزيراعظم مڪاني نظام تي ڪميشن جوڙي ڇڏي  ۽ هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي وزيراعظم چيو ته اختيارن جي منتقلي هيٺين سطح تي نه ٿيڻ سبب عوام سهولتن کان محروم بڻيل آهي ڪي پي ڪي وانگر مڪاني نظام آڻينداسين. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحن ۾ شامل آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته اسان گورننس کي تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير، صوبائي ڪابينا ۽ بيورو ڪريسي سان ٿيندڙ ملاقات فائديمند رهي، سڀني تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحون آهن ۽ 100 ڏينهن واري پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته ڪي پي پوليس جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني سان به ملاقات ٿي، هن ڪي پي پوليس ۾ سڌارا آندا هئا. ناصر دراني پنجاب پوليس ۾ سڌارن جي ٽاسڪ فورس جي سربراهي ڪري رهيو آهي، پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں