شرجيل ميمڻ جي معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم

4Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون ملڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهيذريعن موجب ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد عالم اوڍو ڪندو، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ ۽ ايس پي انويسٽيگيشن ايسٽ به شامل آهن، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن چيف جسٽس ثاقب نثار ضياءُالدين اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو هو جنهن جي دوران اتي علاج هيٺ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون، سگريٽ جا پيڪيٽ ۽ ٻئي منشيات هٿ ٿي هئي. جيل سپرنٽنڊنٽ مجاهد خان جي مدعيت ۾ بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ شرجيل ميمڻ خلاف منشيات خلاف ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ ۽ سندس 3 ملازمن مشتاق، محمد ڄام ۽ شڪر دين کي نامزد ڪيو ويو آهي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں