چيف جسٽس گم ٿيل ماڻهن جو معاملو مسنگ پرسن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نٿار گم ٿيل ماڻهن جو معاملو مسنگ پرسن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي ڪيس ۾ ڪي ڊي اي کي ڪورنگي ۾ گهر ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار موڪل واري ڏينهن پهتو ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس عدالت باهران احتجاج ڪندڙ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ۽ زمينن تي قبضي جي متاثرن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته گم ٿيل ماڻهن بابت قائم ڪميشن توهان جي پيارن کي بازياب ڪرائيندي. هن چيو ته مسنگ پرسن ڪميشن ۾ اعليٰ آفيسر موجود آهن، تمام جلد ماڻهو بازياب ٿيندا. ان موقعي تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ٻاهران آيل گم ٿيل ماڻهن جا نالا مسنگ پرسن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس سان ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ناصر جمپ جي رهواسي متاثرن به ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسين انصاف لاءِ هتي ويٺا آهيون. چيف جسٽس ڪي ڊي اي کي علائقي ۾ وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ مهيني ۾ روينيو بورڊ، ڪي ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.

اپنا تبصرہ بھیجیں