لاهور (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ بدعنواني جو خاتمو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. پنجاب ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ساراهه جوڳي هجڻ گهرجي، ڪابينا ميمبر بدعنوانين تي نشاندهي کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻائين. ملاقات دوران وزيراعظم پنجاب ۾ زمينن تي قبضي ۽ حد دخلين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ان ۾ مافياز ۽ وڏا گروپ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڏي وزير عثمان بوزدار کي هدايت ڪئي ته پنجاب ۾ حد دخلين خلاف فوري طور مهم شروع ڪئي وڃي، زمينن تي قبضو ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته سادگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پنجاب ڪابينا جا ميمبر ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچائيندي مثال قائم ڪن، اسان کي پنهنجا خرچ محدود ڪري انساني ترقي تي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، خطي ۾ پاڪستان جو هيومن دولپمينٽ انڊيڪس سڀ کان گهٽ آهي. هن پنجاب ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي ته 100 ڏينهن جي ايجنڊي تي عمل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪيو وڃي، پنجاب جو دورو ڪندو رهندس ۽ 100 ڏينهن جي ايجنڊي جو جائزو وٺندس. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان گرين پاڪستان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ايوان وزيراعليٰ ۾ ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب پوليس کي سياسي اثر رسوخ کان آزاد ڪرايو ويندو. هن چيو ته سرڪاري آفيسرن کي ڳرين پگهارن تي ڀرتي نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪي پي طرز تي مڪاني ادارن جو نظام آندو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته 100 ڏينهن اندر صحت ۽ تعليم ۾ تبديلي جو پلان واضح ڪيو ويندو، سبسڊي تي هلندڙ منصوبن جي فوري طور آڊٽ ڪرائي ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ضمنتي چونڊن ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ ٻيا معاملا غور هيٺ آيا. وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ بلدياتي نظام تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 100 ڏينهن واري پلان تي عملدرآمد تيزي سان جاري رکيو وڃي. صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي جي فراهمي واري شعبي ۾ تبديلي نظر اچڻ گهرجي وزيراعظم وزيرن پنهنجي کاتن ۾ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس کي سياسي مداخلت کان آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم سول سيڪريٽريٽ ۾ صوبائي سيڪريٽرين کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ هلائڻ بيورو ڪريسي جو اهم ڪردار آهي. مشڪل حالتن ۾ بيورو ڪريسي کي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان کي اوهان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو پورو موقعو ڏينداسين. بيورو ڪرسي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم سبسڊي تي هلندڙ منصوبن جي فوري آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ڪنهن به سرڪاري آفيسر کي ڳرين پگهارن تي ڀرتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنچيو ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبنلاءِ ٽرينڊ سينٽر هجڻ گهرجي. ڪابينا ميمبرن جي پهرين ترجيح بدعنواني جو خاتمو هجڻ گهرجي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟