بوتلن ۾ ماکي ۽ تيل هو، ميڊيڪل رپورٽ مان ثابت ٿي ويندو: ناصر شاهه

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته  جيڪڏهن بوتل ۾ شراب هو ته ان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان جي جاچ به ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اسان لاءِ احترام جوڳي شخصيت آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ اچي ويندو ته شرجيل ميمڻ شراب ناهي پيتو. هن چيو ته ملازم جي بقول هڪ بوتل ۾ ماکي ۽ ٻي ۾ تيل هيو، جڏهن ته شرجيل ميمڻ جو ڪجهه وقت اڳ آپريشن ٿيو آهي، تنهن ڪري ان معاملي کي انساني همدردي طور ڏٺو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بوتل ۾ شراب هو ته ان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ پوءِ ته ان معاملي جي جاچ به ٿيڻ گهرجي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں