جنهن ملڪ۾ چيف جسٽس پاڻ ڇاپا هڻي اسين ڇا ٿا چئي سگهون: آصف زرداري

ڪراچي (چيف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيف جسٽس جي ڇاپي دوران شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻي ته اسان ڇا چونداسين گذريل ڏينهن ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري جي ڪچي ضمانت منظور ڪئي ويئي جڏهن ته ان پاران ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرايا ويا هئا ڇنڇر ڏينهن آصف علي زرداري ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ بئنڪن ڪورٽ پهتو جتي هن 20 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرايا ضمانتي مچلڪن تي آصف زرداري ۽ سندس ضامن عاشق حسين صحيحون ڪيون ان موقعي تي آصف زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا صحافي جي سوال تي ته اوهان وري گاڏي ۾ آيا آهيو هيليڪاپٽر ۾ نهآيا اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته هيليڪاپٽر جي ڳالهه ٿي رهي آهي ڏسون ته ڪڏهن ملي ٿو صحافي سوال ڪيو ته هيليڪاپٽر سستو ٿي ويو آهي آصف زرداري چيو ته ٻڌي رهيو آهيان ته 50، 55 ۾ سفر ٿئي ٿو صحافي پاران ٻڌايو ويو ته چيف جسٽس اسپتال ۾ ڇاپو هنيو آهي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ آيو آهي ان تي اڳوني صدر چيو ته جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻي اسان ڇا چونداسين هڪ صحافي پاران چيو ويو ته اوهان کي چيف جسٽس جي دورن تي اعراض آهي پر شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ ٺيڪ آهي اڳوني صدر چيو ته مون کي صرف اها خبر آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻيا به 5 هزار ڪيس آهن يا لکين ڪيس آهن انهن تي به زور هئڻ گهرجي آصف زرداري کان سوال ڪيو ويو ته ٻڌو آهي ته صدارتي چونڊ ون ٽو ون ٿيندي اوهان اعتزازاحسن کي هٿ کڻائيندا هن جوب ڏنو ته ٿي سگهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان هٿ کڻي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں