صدارتي چونڊ: پ پ حڪمت عملي جوڙي ورتي، اعتزاز ئي اميدوار آهي، کيس مخالف به ووٽ ڏيندا: بلاول

ڪراچي (چيف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدارتي اميدوار کي آصف زرداري نامزد ڪيو آهي، اعتزاز احسن پ پ جو سرمايو آهي، مخالف به کيس ووٽ ڏيندا. پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت طرفان صدارتي اميدوار اعتزاز احسن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون اميدوار به اعتزاز احسن ئي آهي، ڇو ته هو شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ جون پاڙون عوام ۾ آهن، جيڪي هر ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن. آصف علي زرداري چيو ته منهنجي اعتزاز احسن سان پراڻي دوستي آهي، غلام اسحاق خان ڪيس ڪيو ته اعتزاز احسن شهيد بي بي جي وڪيل جي حيثيت سان پيش ٿيو، اعتزاز ان وقت چيو هو ته هو غلام اسحاق کي شهيد بي بي جو ٽرائل ڪرڻ نه ڏيندو پر غلام اسحاق جو ٽرائل ڪندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙو اميدوار ملڪ جو اميج بهتر پيش ڪري سگهي ٿو، ان حوالي سان اعتزاز احسن بهتر چونڊ ثابت ٿيندو، سڀني دوستن کي سمجهڻ گهرجي، اعتزاز جي ڪاميابي سمورين لبرل قوتن جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجي دوستي پنهنجي جاءِ تي پر هو پ پ کان وڌيڪ ناهي. اجلاس ۾ پ پ جي چونڊيل قومي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ اهم پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب  اجلاس ۾ صدارتي چونڊ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں