ايشين گيمز ۾ ڀارت پاڪستان کي 1-2 تان شڪست ڏئي ڪانسي جو ميڊل حاصل ڪري ورتو

0Shares

جڪارتا(اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز 2018 جي هاڪي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 1-2 تان شڪست ڏئي ڪانسي جو ميڊل کٽي ورتو. ڀارت کان شڪست بعد پاڪستان هاڪي ٽيم ايشين گيمز ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ميچ جي ٽئين ڪوارٽر ۾ ڀارت پهريون گول ڪري پاڪستان مٿان سرسي حاصل ڪئي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر ۾ ٻيو گول ڪري پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي. پاڪستان ميچ جو واحد گول چوٿين ڪوارٽر ۾ ڪيو. ايونٽ جي سيمي فائينل ۾ جاپان پاڪستان کي 0-1 تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل جي اميد ختم ڪري ڇڏي هئي. سيمي فائينل ۾ شڪست بعد پاڪستان کي اولمپڪس جي لاءِ ڪواليفاءِ رائونڊ کيڏڻو پوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں