سي پي ايل: گئانا اميزن ويريئرز جي 8 وڪيٽن تان بارباڊوس ٽرائيڊنٽس کي شڪست

0Shares

 ميسور(اسپورٽس نيوز) ڪرناٽڪا پريميئر ليگ ۾ پهرين ميچ ۾ بجاپور بلز جي دلچسپ مقابلي بعد ميسورو واريئرز کي 2 رنسن تان شڪست،بلز ٽاس هارائي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون. ڪپتان چپلي 63 ۽ ڪونين عباس 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀرٿ ۽ پراتيڪ 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ واريئرز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي سگهي. سپٿ 34، ڀٽڪل 29 ۽ سڌارٿ 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪرياپا 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڪپتان چپکي کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٻي مئچ ۾ حبلي ٽائيگرز جي بيلاگوي پينٿرز کي 44 رنسن تان بدترين شڪست حبلي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. اڀيشڪ ريڊي 74 ۽ پروين ڍوبي 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نياز نٿار 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ پينٿرز 19 اوورن ۾ فقط 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. نديش 23، ڀاٽيا 32 ۽ راڪشٿ 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪپتان وني ڪمار 4 ۽ مهيشن پٽيل ۽ انيل 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ريڊي کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں