”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”

0Shares

”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟

”عاجز انور لاشاري”

تلھار شھر ۾ ريلوي اسٽيشن  ڀرسان نالي محبوب سينيما گھر ھوندو ھو ”مکي غلام علي خواجه” ۽ سندس ڀائيٽيو محبوب خواجه ۽ جي سرپرستي ھيٺ ۽ سندس نالي سان سينيما گھر زورن شورن سان ھلندي ھئي ھي سينيما گھر اڄ واري فاروق اعظم چوڪ کان ريلوي اسٽيشن واري روڊ تي بنياد رکيل ھئس جتي ھن وقت ھاڻ ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ جي ڪلينڪ ۽ ڀرسان ڪيترائي عاليشان دڪان ۽ گھر اڏجي ويا آھن پر پھريان ھي وڏي ايراضي ۾ پلاٽ ”مکي غلام علي ” جي مالڪي ۾ ”محبوب نالي سان سينيما گھر اڏيل ھو اھڙيون رونقون سير و تفريح ۽ خوشحالي وارو جڏھن ماحول ھوندو ھو تڏھن ھن محبوب سينيما ۾ ھر آچر جي ڏينھن سينيما جو ھائوس ڀرجي پوندو ھو باقي ڏينھڙا ڪڻان ڪڻان ٿي ڳوٺائي علائقن مان ماڻھون ھن سينيما جي خوبصورت ھال ۾ لطف آميز مدھو ٿي ويندا ھئا, ھي درد ڪٿا ۽ ڪھاڻي ھڪ شھر جي نه بلڪه پوري سنڌ جي شھرن جي ساڳي درد ڪٿا آھي ھر شھرن مان وڃائجي ويل سينيما گھرن جي سونھن جيڪا اڄ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ لا۽ جڏھن ملي پوي ته ساڳيو وقت ھر سنڌ جي شھر جون وڃائجي ويل خوبصورتيون پڻ ياد اچو وڃن،

”’مکي غلام علي خواجه” جي تلھارين لا۽ ھي فخريه پيشڪش محبوب نالي سينيما گھر جو بنياد ته وڌو ويو پر پاڻ ”مکي غلام علي خواجه” ھڪ ادبي دنيا سان پڻ وابستگي رکندا ھئا ھڪ شاعر به ھو آزاد خيالن جو مالڪ لوڪ ادب ۽ ٻيون ادبي ڳالھيون سندس دل ۽ ذھن ۾ سوار ٿينديون رھنديون ھئس،

تلھار ۾ ”مکي غلام علي خواجه” محبوب نالي سان سينيما گھر جو بنياد رکرايو وڏين مشڪلن ۽ جفاڪشين جا ڪشالا ڪٽيا ۽ مشڪلن بعد ئي سال 1968 ۾ ”محبوب نالي سينيما گھر جو لائنس وٺي بنياد رکيو ”محبوب” مکي غلام علي خواجه جي ڀاء جو پٽ ئي نه بلڪه پنھجو نياڻو به ھئس ۽ پنھجي محبت جي اظھار کي بيان ڪرڻ لا۽ پنھجي ئي نياڻي جي نالي سان محبوب سينيما گھر جو تلھار شھر ۾ بنياد رکيائين جنھن جو افتتاح سال 1971ع ۾ ڪرائي باقاعدگي سان سينيما جو آغاز ٿي ويو ۽ سينيما جو آغاز پھرين اسلامي فلم  ھلرائي ڪرايو ويو ھو شروعات ۾ سال 1971ع ۾ محبوب سينيما ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽن جو احوال ھن ريت بيان ڪجي ٿو،

سينيما ۾ ٿرڊ ۾ ويھڻ وارن کان نئون آنا ٽڪيٽ جي فيس ورتي ويندي ھئي جڏھن ته سيڪنڊ ۾ ويھڻ جو ٽڪيٽ 12 آنا ورتو ويندو ھو ۽ فرسٽ ۾ ويھڻ وارن شوقينن کان ھڪ روپيه ٽڪيٽ وصول ڪيو ويندو ھو ان کان پو۽ سينيما جي گيلري ۾ ويھڻ جو ٽڪيٽ 2 روپيا وصول ڪيو ويندو ھو ۽ امير ترين ماڻھون فيملي يا اڪيلو آرام سقون سان سينيما ۾ ويھي فلم ڏسڻ وارا باڪس ۾ ويھندا ھئا باڪس ٻن کان چار ماڻھن جي ويھڻ جا ٺاھيل ھئا ۽ انھن باڪسن ۾ اھي ٻه کان 4 ماڻھون آرام سان پوري فلم ڏسي وٺندا ھئا ۽ ان باڪس ۾ ويھڻ وارن کان 2 رويپا 50 پيسه ٽڪيٽ فيس وصول ڪئي ويندي ھئي،

تلھار شھر لا۽ اھو ھڪ وڏو اعزاز ئي نه بلڪه خوبصورت ھڪ منظر پڻ ھو جنھن منظر جي ديد جا منتظر ڪيترائي ديوانه شوقين پنھجي ذھني سقون ۽ دل وندرائڻ لا۽ محبوب سينيما ۾ پنھجو وقت گذاريندا ھئا،

اھو وقت سينيمائن جي اوج عروج اھڙو ته اھڙو ته دور ڇانئيل ھو ايترو مقبول سينيمائن جا ھال بڻيل ھئا جنھن جو ڪو جواب ئي نه ھو اھڙي طرح بدين شھر ۾ به ھڪ سينيما گھر ٺھيو جنھن جو باني محترم حبيب خواجه جن ھئا ۽ ماتلي شھر ۾ سينيما گھر جو باني ڪريم بخش نظاماڻي ھو ۽ تلھار شھر ۾ ”مکي غلام علي خواجه” محبوب سينيما گھر جو بنياد رکيو ۽ ٽنڊو غلام علي شھر ۾ به ھڪ سينيما گھر جو بيناد رکيو ويو ھو پر ماڻھن جي وديڪ دلچسپي ۽ روجان نه ھئڻ سبب سينيما ھلي سڳھي ھلڻ کان اڳ ئي بند ٿي وئي،

پر آخرڪار ھر عروج جو زوال به ته اچڻو ئي آ اھڙي طرح سينيمائن جو به زوال اچڻ شروع ٿيڻ لڳو زوال ويسي آر نالي سينيمائن کي ملندو ائين ممڪن نه ھو پر جڏھن شھرن ۾ سال 1999ع کان 2000ع تائين ويسي آر متعارف ٿيڻ لڳو ۽ فحاشي فلمون اچڻ لڳيون تنھن وقت سينيمائن ۾ اچڻ واري دلچسپي ۽ شوق کي نظر لڳڻ شروع ٿي جڏھن ته سينيما گھرن ۾ سنڌي اردو پنجابي فلمون ته ھلنديون ھيون پر فحاشي نه اھڙو فائدو ۽ پنھجي جڳه ولارڻ لا۽ ويسي آر ته شھرن ۾ متعارف ٿيڻ لڳو پر ان سان گڏوگڏ ٻاھرين ملڪن مان انگريزي فحاشي فلمون پڻ اچڻ لڳيون انھن فلمن ماڻھن جي ذھن دلن سان وديڪ راند کيڏڻ ئي نه بلڪه سينيما جي سونھن ۽ ڪاميابي پڻ کسڻ شروع ڪري ورتيء ماڻھن جي آھسته آھسته دلچسپي گھٽجڻ لڳيء ۽ ڀريل سينيما جو ھال آھسته آھسته خالي رھڻ لڳو سينيما جون ڪرسيون ويرانين جون شڪار ٿيڻ لڳيون شروعاتي وقت ۾ جڏھن ڪا نئين فلم ايندي ھئي ته انھن جا پوسٽر ھر چوڪ چوراھي تي لڳايا ويندا ھئا ۽ ماڻھون اھا فلم ڏسڻ لا۽ ان ڏينھن جي اچڻ جو بي صبري سان انتظار پڻ ڪندا ھئا پر جڏھن زوال ويسي آر نالي شھرن ۾ ڪاھ ڪئي سينيما گھر ۾ ڪرسيون ئي خالي رھڻ لڳيون ۽ نيٺ نقصان ملڻ شروع ٿيو ۽ آخرڪار سنيميا گھر بند ٿيڻ لڳا ھڪ تلھار شھر ۾ ئي نه بلڪه بدين ماتلي ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ سينيما گھر سال 1999ع کان ويندي سال 2000ع تائين آخري سال ئي رھيو اھڙي طرح تلھار شھر ۾ به سال 2000ع کان 2001 تائين ”محبوب نالي سينيما بربادي جي ڪنارن  تي پھچي ويران ٿيڻ لڳي ۽ آخرڪار بند ٿي وئي ساڳي سينيما ڪي سال پنھجي موجودگي جا احساس تلھارين کي ته ڏياريا پر وقت گذرندي اھا محبوب نالي سينيما فقط ھڪ پلاٽ جي صورت ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي ۽ سينيما جو بنياد ڊھڻ لڳو ڀتون ڪرڻ لڳيون ۽ آخرڪار محبوب نالي سينيما مڪمل ڊاھي پٽ ڪرائي وئي ان سينيما گھر ۾ ڪيترن گھرن جون يادون ۽ گذريل پراڻون وقت پڻ تاريخ ۾ رقم ڪيل آھي سينيما ڊھڻ بعد سينيما جي پلاٽ تي اتي اڄ مختلف دڪان ۽ گھرن جون اڏاوتون ته ٿيون پر اتان نالي محبوب ۽ ”مکي غلام علي خواجه” جي محنتن ڪاوشن ۽ يادگيرين پنھجو وجود وڃائي ورتو، پر ياد رھيو وقت ۽ گذريل اھي ڏينھن

اڄ به اھو روٽ جڏھن پراڻي وقت جا ماڻھون وٺي نڪرندا آھن ته ھٿ جي اشارن سان اکيون ڇنڀيندي اھو ئي ٻدائين ٿا ته اتي ڪنھن دور ۾ ”محبوب نالي سان ھڪ سينيما گھر ھوندو ھو””””””’

اھڙي طرح ”مکي غلام علي خواجه” پنھجي شوق چاھتن کي پورو ڪرڻ لا۽ شاعري جا به ٽي ڪتاب پڻ لکيا جنھن مان ھڪ ڪتاب ”ريشمي بازار” نالي سان سان شايع ٿي ماڻھن جي ھٿن تائين پڻ پھچايو ويو جنھن ڪتاب مٿان ”مزاحيه شاعري” جو عنوان پڻ ڏنو ويو ڪتاب ”ريشمي بازار” مان ڪجه چونڊ ھن ڪالم جي سونھن بڻائڻ لا۽ پڻ ڳولي لکڻ مناسب سمجھم،

”وفا پاڻ آھيون وفائون ٿيون گھرجن،

اسان کي اوھان جون دعائون ٿيون گھرجن.

اوھان جو آھي چھرو مٺا چنڊ وانگي،

فقط ديدن جون بس آدائون ٿيون گھرجن”

ھي ڪتاب ريشمي بازار راحت پبليڪشن تلھار ھٿان الرزاق ڪمپيوٽر اينڊ پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد ۾ ڇپرايو ويو سال 2007 ۾ ھن ڪتاب جون ٽي سئو ڪاپيون ڇپجي تلھار شھر ۾ پھتيون اھڙي طرح ٻيو ڪتاب ”بيوفا” پڻ ساڳيو راحت پبليڪشن تلھار ھٿان ساڳي پرنٽنگ پريس مان ڇپرائي ماڻھن جي ھٿن تائين پھچايو ويو جنھن کان پو۽ ”مکي غلام علي خواجه” بيڪس جي نالي سان سڏيو ويو بيڪس تخلص مليس ۽ پنھجي ادبي دنيا سان اڄ تائين به سلاڙيل رھيو اڄ ”مکي غلام علي خواجه 90 سالن جي عمر ۾ پھچي چڪو آھي پر حب محبت ۽ شوق ساڳيا حشاش بشاش زنده ۽ امر بڻائي پنھجي دل ۾ سانڍي رکيا اٿس اڄ پڇائون ڪري مان جڏھن نڪتس ته سينيما گھر جو باني مکي غلام علي خواجه مون پاڻ ڳولي لڌو ملاقات ڪيم ڳالھيون ۽ ڪو وقت دور جي پچار دلي ڪندي ضعيف عمر ۾ به اڄ جڏھن ”مکي غلام علي خواجه” کي مسڪرائيندي ڏٺمس ته منھجي اکين ۾ لڙڪن جو نار ٿي وھڻ لڳا مکي غلام علي خواجه پنھجون ڪيل ڪاوشون محنتون ۽ پيار سندس ڪتاب مونکي تحفي طور ملاقات ۾ ڏنائين ۽ مون اکين تي رکي آخر ۾ موڪلاڻي ڪري واپس نڪري ھليو آيس ”مکي غلام علي خواجه ” جي بقول ھن سال 1928 ۾ تلھار شھر ۾ جنم ورتو پر سندس والد جي لکرايل جنم تاريخ جي حوالي سان 3 مارچ سال 1930ع آھي اڄ 90 سال گذرڻ بعد زندگي جون 90  حسين بھارون ڏٺيون ۽ ڏکن جا ڪشالا ته پڻ ڪاٽيا اٿس پر ھاڻي 3 مارچ سال 2019 ۾ 91 سالن جو ٿي پوندو ۽ ھن ڀيرو سال 2019 ۾ ”مکي غلام علي خواجه جو جنم ڏينھن پھريون ڀيرو اسين جوش و جذبي سان پنھجي تلھار شھر ۾ ملھائڻ جو فقط اعلان نٿا ڪيون بلڪه ھر سال 3 مارچ جو ڏينھن مکي غلام علي خواجه جي نانء ڪري جوش و جذبي سان سندس شاعري ۽ ڪيل ڪاوشن کي دلي ڀيٽا پڻ پيش ڪنداسين

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں