پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي

0Shares

پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي

 رضا عبدالفتاح عباسي

نئين پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان کي هڪ سئو 100 ڏينهن واري ڪارڪردگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي روڊن رستن جي بهتر پلاننگ ڪندي اتي رهائشي سهولتون ڏيڻ گهرجن.جنهن لاءِ اڳ ۾ اتان جي مقامي ماڻهن کي ۽ ملڪ جي بزنس مين ڪميونٽيءَ کي اعتماد ۾ وٺندي انهي تفريحي ماڳ تي هنگامي بنيادن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري ڪرايا وڃن جيئن سنڌ سميت ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻهو اتي سير تفريح ڪري ملڪ کي هڪ وڏو ناڻو ڪمائي ڏين ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ لڳي. سنڌ جي تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان انهي علائقي جي مقامي ماڻهن کي اهميت ڏيندي انهن کي اتي هرهڪ ترقياتي منصوبي سميت هر معاملي ۾ ٻڌو وڃي ۽ اتي روزگار ڏيڻ لاءِ خصوصي اپاءَ ورتا وڃن.گورک هل جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن کان اتان جي رهواسين گورک هل کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ سميت انهيءَ ماڳ جي لاءِ روزگار جا وسيلا مقامي ماڻهن کي ڏيارڻ لاءِ دادو، جوهي،ڪي اين شاهه سميت ٻين شهرن ڳوٺن جا سوين رهواسي احتجاج بڻجي ويا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اسانکي پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين تي روزگار ڏيڻ لاءِ اهميت ڏني وڃي ۽ گورک هل جي سست رفتار ترقيءَ جو نوٽيس وٺندي تيزيءَ سان ڪم جاري رکيو وڃي جيئن سنڌ سميت دنيا جا سياحت سان ٿعلق ماڻهو سير و تفريح ڪري سنڌ جي خزاني کي هڪ چڱو خاصو ناڻو ڪمائي ڏين. گورک هل اسٽيشن تي موسم جي لحاظ کان 12 مهينا دلچسپ ۽ وڻندڙ موسم رهي ٿي.جڏهن ته ملڪ جي ٿڌي علائقي طور ڪوه مريءَ جو علائقو 5 يا 6 مهينا گرمين ۾ ٿڌو رهي ٿو باقي مهينن ۾ گهڻي ٿڌ ۽ برفباري پوڻ سبب تفريح ماڳ سياحتي ماڳ ڄڻ ته متاثر رهي ٿو.پر گورک هل جي سياحتي ماڳ تي 12 ئي مهينا موسم جو پنهنجو هڪ انوکو رنگ ڍنگ رهي ٿو.گورک هل ۽ ڀر پاسي جا رهواسي 12 مهينا پنهنجي ماڳ تي رهائشي هوندا آهن.گورک (GORAKH)ضلعي دادو کان اولهه طرف 94 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي.ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته گورک (ڪي اين شاهه) ۽ ميهڙ انڊس هاءِ وي کان 50 ڪلو ميٽر پري آهي.جڏهن ته سيوهڻ شريف کان اولهه طرف 140 ڪلوميٽر ۽ ڪراچيءَ شهر کان 450 ڪلو ميٽر مفاصلو آهي.کير ڀر جبل جون بلند ترين چوٽيون جيڪي سمنڊ جي سطح کان 5000 کان 8000 هزار تائين بلند آهن.جڏهن ته بلوچستان جي گاديءَ وارو شهر ڪوئيٽا سمنڊ جي سطح کان 5400 ۽ ملڪ جو اهم سمجهو ويندڙ تفريحي گاهه ڪوهه مري جي بلندي 7000 فوٽ آهي.دنيا جي سڀ کان مٿانهين کان مٿانهون شهرڏکڻ آفريڪا ۾ آهي جنهن جي اوچائي سطح سمنڊ کان 3631 فوٽ بلندي تي واقع آهي.جڏهن ته گورک جي تعمير کانپوءِ دنيا ۾ سڀ کان مٿانهين وارو شهر ( گورک ..Gorakh ) سنڌ ۾ شمار ڪيو ويندو.جنهن جي سطح سمنڊ 5889 فوٽ بلند ترين هنڌ هوندو جيڪو عالمي سطح جو رڪارڊ جو اعزاز ائين ماڻيندو.گورک سهڻو سائو ۽ خوبصورت علائقو آهي.جتي جون جولاءِ جهڙي سخت گرميءَ جي مهينن ۾ به 1..3 سينٽي گريڊ ٿڌ رهي ٿي. هيءُتمام سهڻو خوبصورت ۽هتان جا خوبصورت نطارا من موهيندڙ موسم دلفريب منظر اداس ۽ مرجهايل چهرن کي هڪ دم خوشين ۾ آڻين ڇڏين ٿا.هيءُ وڻندڙ ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور تفريحي ماڳ ٿي سگهي ٿو پر هن تفريحي ماڳ سان به اهو ئي مسئلو آهي.جيڪو هر مامري ۾ پاڻ سان ٿيندو پيو اچي.يعني هر مسئلي ۾ سياستدانن جي بيجا مداخلت ۽ سياسي ڪميشن ۽ ڪرپشن جا بند نه ٿيندڙ دروازا آخر ڪڏهن بند ٿي سگهن ٿا ؟ هاڻي سنڌ جي تاريخي حيثيت رکندڙ تفريحي ماڳ جي ائين لاوارثي سمجهه کان ٻاهر آهي.هن سنڌ جي زبردست تفريحي ماڳ تي پاڪستان ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح، ملڪ جي پهرين صدر ايوب خان،ذوالفقار علي ڀٽو،نواز شريف، بينظيرڀٽ، سابق وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه، اڳوڻو سنڌ جو وڏو وزير لياقت علي جتوئي هن عالمي سطح جي تفريحي ماڳ تي گهمي ڦري جائزو وٺي چڪا آهن ۽ انهيءَ کي گهڻو پسند ڪندي هڪ دنيا جي بهترين تفريح ماڳ قرار ڏنو پر هن تفريحي ماڳ جي سست رفتار ترقياتي ڪم ڪار جي ڪهڙي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪوه مري گورک هل اسٽيشن بهترين ماڳ آهي پر ائين هر گز ناهي ڇاڪاڻ ته ڪوه مري تي سال جا 5 يا 6 مهينا وڻندڙ موسم هجي ٿي پر هن گورک هل اسٽيشن تي سال جا سمورا مهينا سياحت سان دلچسپي رکندڙن لاءِ تفريحي جو وڻندڙ ۽ انوکو ماڳ هوندو آهي. سنڌ جي ٿڌڙين هوائن جو تاريخي ماڳ ائين بي يارو مددگار بڻجڻ به ته هڪ سواليه نشاني آهي ته هن ملڪ جي سڀ کان وڏي ماڳ جي ڪابه سار سنڀال نه ڪرڻ ۽ هڪ اڌ ايم اين اي کي سمورا انهيءَ ايڏي وڏي پراجيڪٽ پلان جا اختيار ڏيڻ ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي.سالن کان انهيءَ سياحتي تفريحي ماڳ طرف ڪابه عملي طرح توجهه نه ڏيڻ لکين ڪروڙين ملڪ جي سياحتي ٽوئرسٽ سير سفر ڪندڙ عوام سان ناانصافيءَجي مترادف عمل چئي سگهجي ٿو.سنڌ جو عوام سنڌ جي اندر ڪو به سياحتي ماڳ جيڪو گرميءَ جي موسم ۾ ٿڌ سان ڀرپور ۽ هر موسم ۾ دلچسپيءَ جو مرڪز هجي ۽ هڪ ئي وقت نه صرف ڪوهه مري نه پر ساڳئي وقت سوات، ناران،ڪاغان، ڪالام، اسڪردو،بحرين، ايوبيا، نٿيا گلي، پنڊي پوائنٽ، ڪشمير پوائنٽ سميت ٻين اهڙن سياحتي جاين جون سيڪون لهي ڇڏي ٿو اهو آهي سنڌ جو گورک هل اسٽيشن وارو ماڳ جنهن جي وارثيءَ جو سوال اهم بڻجندو پيو وڃي شايد هاڻي سنڌ جي هن اهم تفريحي ماڳ گورک طرف ٻيو نه پر اهي ئي ملڪي ادارا جيڪا ڪراچيءَ کي امن جو شهر بڻائي ڏيکارين ٿا اهي ئي هن گورک هل اسٽيشن کي به هڪ بهترين ۽ سهڻو تفريحي هنڌ بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ ته ڪا دير ناهي !انهيءَ سنڌ جي تفريحي ماڳ جي خوبصورتي ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر انهيءَ جي سار سنڀال جي ۽ انهيءَ شهر ۾ عوام ٽوئرسٽن، اسٽڊي ٽوئر ڪندڙ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ڪيڊٽ ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن جي شاگردن اسٽوڊنٽس جي امن امان جي رسڪ ۽ صورتحال بهتر نه هجڻ ڪري اهي رهجي وڃن ٿا، سنڌ جي هر ٻئي تعليمي اداري جي اسٽوڊنٽ جي اها خواهش آهي ته اسان کي پنهنجي سنڌ ۾ ئي تفريحي لاءِ ماڳ (گورک هل اسٽيشن) فوري طور تي ٺهرائي ڏنو وڃي. پوءِ اسان جا هر سال جيڪي هزارن جي تعداد ۾ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پري پري ڪوهه مري، سوات جي وڏي ۽ ڪيترن ڏهاڙن جي پنڌ کان پوءِ اتي پهچن ٿا اهي پنهنجي گورک هل تي آرام سان پهچي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت ته الائي ڪٿي آهي انهيءَ لاءِ وري به پاڪستان جي وفاقي حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته اهي سنڌ جي هن خوبصورت علائقي گورک کي هن ملڪ جو حصو سمجهي سنوارڻ جي ڪوشش ڪن ته شايد هيءُ ملڪ جو بهرين سياحتي هنڌ بڻجي سگهي ٿو.انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين گورک جي اندر جيڪا ترقي وٺرائڻي آهي انهيءَ لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ چين جون خدمتون ورتيون وڃن جنهن جي تعاون سان اتي فائيو اسٽار هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ سستا عام ماڻهو جي رهائش لاءِ به هوٽل ٺهرايا وڃن، روڊن رستن،امن و امان،پاڻي، بجلي، گئس،فون، موبائيل جا ٽاورز لڳايا وڃن، بئنڪون قائم ڪرڻ،انٽر نيٽ سميت ٻين اهم شين جي ضرورتن کي مد نظر رکندي قائم ڪرڻ گهرجي.گورک واري سياحتي علائقي ۾ ڪنهن کي به پلاٽ خريد نه ڪرڻ جي حڪومتي طور تي اجازت نه هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن تفريحي ماڳ سان پهريان ئي وڏو ڪيس ۽ ويڌن ٿي آهي. انهي سان گورک کي وري نقصان ٿيندو ۽ پلاٽ وٺندڙ وٺي هليا ويندا اهو پلاٽ سدائين خالي پيو هوندو يا وري ڪڏهن ڪڏهن اچڻ سان انهيءَ ماڳ سان ڏاڍ ۽ ناجائزي ٿيندي.انهيءَ لاءِ گورک سمورو سرڪاري حڪومتي پراپرٽي هجڻ کپي جيڪو به اتي اچي ته اهو سرڪاري حڪومتي رهائش گاهه سستا بارعايت ريسٽورنٽ هوٽل ۾ رهي ڀلي سرڪاري ملازم بئنڪ مينيجر،استاد،گاڏيءَ جو ڊرائيور،هجي يا وري ڪو ٻيو مزدورطبقو پورهيت ايتريقدر جو ريڙهي هلائڻ وارو به  انهيءَ ريسٽورنٽ ۾ رهائش اختيار ڪري سگهي.پاڙيسري ملڪ چين جو ٿعاون درڪار آهي اڳ ۾ به چين ملڪ اسان وٽ ڪيترائي ڀلا ۽ سٺا پراجيڪٽ شروع ڪندو رهيو آهي جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪندڙ ادارا حڪومت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت چاهين ته پوءِ سنڌ جو هيءُ تفريحي ماڳ هڪ نئين شهر طور سڄي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو ۽ انهيءَ سان هن ملڪ کي وڏي مقدار ۾ ناڻو معاشي طور هڪ نئين بيهڪ طور ڳڻجي سگهجي ٿو.سنڌ سان جڙيل هيءُ ماڳ هاڻي سنڌ جي قهر جهڙيءَ گرميءَ ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان تقاضا ڪري رهيو آهي ته هاڻي به جيڪڏهن توهان هن تاريخي ۽ سياحتي ماڳ جي وارثي نه ڪئي ته پوءِ آخر ڪڏهن توهان هن لاءِ عملي ڪم ڪندا؟ سنڌ جي شهر شهر سميت جيڪا هن ڀيري ڪراچيءَ ۾ شديد ترين گرميءَ جي لهر شروع ٿيڻ لڳي آهي انهيءَ کان بچڻ لاءِ فوري طور تي هن تفريحي ماڳ گورک جي عملي ڪم ۾ ريسٽورنٽ هوٽل، سيڪيورٽي نظام،پاڻي، بجلي، گئس، فون، موبائيل، روڊ رستا ، ٻارن لاءِ باغ باغيچا،جهولا وغيرهه لڳايا وڃن.انهيءَ لاءِ ملڪ جي مشهور واپارين ڪريم ڊيڊي، ملڪ رياض ۽ ٻين کي دلچسپي وٺي اڳتي اچڻ گهرجي پر پوءِ الائي ڪهڙن سبب ڪري ايڏا وڏا بزنس مين واپاري خاموش ٿي ويٺا آهن پر جيڪڏهن ڪراچيءَ يا ملڪ جي ٻين شهرن يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ واپاري،بزنس مين، صنعتڪار اڳتي اچن ته هيءُ تفريحي هنڌ تفريح جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو ۽ پوري ملڪ جي معشيت کي اربين رپيا نفعي بخش ڪاروبار طوراڳتي آڻي سگهي ٿو.پنهنجي ملڪ ۾ ڪيترائي سياست ڪندڙ حڪمران ته هن گورک کي سنوارڻ بجاءِ انهن جي مسلسل خاموشي سياحت سان دلچسپي رکندڙ عوام لاءِ ڳجهارت مثل هڪ سواليه نشاني آهي ته هن ماڳ جي تيار ٿيڻ سان انهن ماڻهن سياست ڪندڙن جو نالو هميشه زندهه رهڻ لڳندو پر اهي انهيءَ پراجيڪٽ ۾ ڪميشن جي گهٽ ملڻ تي شايد نٿا ٺهن جو اهو منصوبو اڌ ۾ سدائين رڪيو بيٺو آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ جو ٿڌڙين هوائن جو ماڳ کلڻ چاهيڻ، خوشين ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ سرمست ٿيڻ باوجود سدائين ڄڻ ته روئيندو هجي ۽ انهيءَ جي غمگينيءَ  ۽ اداسيءَ جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي. نئين پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ 100 ڏينهن واري ڪارڪردگيءَ ۾ دنيا جي هڪ بهترين تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن جا روڊ رستا ۽ رهائشي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيڪر هيءَ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيئي سگهجي ٿي ڇو جو جيڪو پاڪستان جي 70 سالا تاريخ ۾ ڪم نه ٿيا هجن اهي ملڪ جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪڏهن هڪ نئين پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ ٿي وڃن ته اها پي ٽي آءِ حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ليکي ويندي ۽ انهي سان سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام هڪ بهترين تفريحي ماڳ مان فائدو حاصل ڪري سگهندو ۽ ملڪ کي انهي تفريحي ماڳ مان هڪ چڱو خاصو ناڻو به حاصل ٿي سگهندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں