سون جي اگهن …

آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ سون جي اگهن ۾ اضافو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا ۾ ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح ۾ اضافي باوجود سون جي اگهن ۾ اضافو ٿيو جنهن جو سبب چين آمريڪا واپاري ڇڪتاڻ ۾ اضافي سبب سيڙپڪارن طرفان قيمت ڌات جي خريداري آهي. نيويارڪ ۾ اسپاٽ گولڊ جي وقفي کان پوءِ اگهه 0.1 سيڪڙو واڌ سان 1200.70 ڊالر في اونس رهيو. آمريڪي سون جي ڊسمبر لاءِ سودا 1.70 ڊالر اضافي سان 1206.70 ڊالر في اونس طئي ٿيا. لنڊن ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.4 سيڪڙو واڌ سان 1203.72 ڊالر في اونس رهيا. آمريڪي سون جا سودا 0.4 سيڪڙو اضافي سان 1210.60 ڊالر في اونس طئي ٿيا. ايشيا ۾ اسپاٽ گولڊ جا اگهه 0.6 سيڪڙو واڌ سان 1207.06 ڊالر في اونس رهيا. آمريڪي سون جا سودا 0.7 سيڪڙو اضافي سان 1212.80 ڊالر في اونس طئي ٿيا.

اپنا تبصرہ بھیجیں