ايران گيس …

0Shares

ايران جي گيس پيداوار ٻيڻي ٿي وئي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي توانائي زون ڏکڻ پارس ۾ گيس جي پيداوار ۾ ٻيڻُو اضافو ٿي ويو آهي. تازن انگن اکرن مطابق گذريل 5 سال جي ڀيٽ ۾ هن وقت ڏکڻ پارس مان گيس جي پيداوار ٻيڻي ٿي وئي آهي. 2013ع ۾ ڏکڻ پارس گيس فيلڊ جي پيداوار جي گنجائش 282 معڪب ميٽر روزانو هئي جڏهن ته هلندڙ سال ان جي گنجائش روزانو 570 ملين ميٽر ڪيوبڪ گيس تائين پهچي وئي آهي. ايراني پئٽروليم واري وزارت جي فيصلي تحت 2013ع ۾ ان گيس فيلڊ جي 5 فيزن جي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ 6 مهينن تائين 4 فيزن جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ڏکڻ پارس هڪ خاص اقتصادي علائقو آهي جيڪو ايران جي ڏکڻ اولهه صوبي بوشهر ۽ خليج فارس جي ويجهو واقع آهي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي گيس فيلڊز ۾ شمار ٿئي ٿو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں