گوگل جو فاطمه ثريا بجيا کي خراج عقيدت

اسلام آباد ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اديبه ۽ ڊرامه نگار فاطمه ثريا بجيا مرحومه کي سندس 88 سالن جي سالگره تي سرچ انجڻ گوگل کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي ڊوڊل بجيا جي نالي ڪري ڇڏيو آهي. فاطمه ثريا بجيا پهرين سيپٽمبر 1930ع تي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ پنهنجي خاندان سميت ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي. فاطمه ثريا بجيا مشهور ادبي شخصيت انور مقصود جي ڀيڻ هئي. فاطمه ثريا بجيا ٽيليويزن کان علاوه ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ بي شمار ڊراما لکيا. جڏهن ته سندس مشهور ڊرامن ۾ ”عروسه“ شمع، انا ۽ افشا سميت ڪيترائي ڊراما شامل آهن. 1997ع ۾ حڪومت کيس تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ۽ 2012ع ۾ هلال امتياز سان نوازيو. جاپان کيس پنهنجي اعليٰ ترين شهري اعزاز عطا ڪيو. علم ۽ ادب ۾ فاطمه ثريا بجيا جي خدمت کي هميشھ ياد رکيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں