پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي

0Shares

پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي

 تحرير شير محمد سولنگي

ڀارت ۽ پاڪستان ايشيا کنڊ ۾ پاڙيسري ملڪ آهن . ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات خراب به ٿيندا رهيا آهن ته وري سٺا تعلقات به ٿيندا رهيا آهن اڄ ڏينهن تائين ٻنهي ملڪن جي درميان تعلقات هڪجھڙا ناهي رهيا انهن ۾ اوچائي جيچائي ٿيندي رهي آهي جنهن جو ڪارڻ پاڪستان ۽ ڀارت جي درميان تعلقاتن واري تند ٽٽڻ آهي  ڪافي سالن کان ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان پري رهڻ لڳا توڙي جو ٻئي ملڪ پاڙيسري ملڪ آهن پر تنهن هوندي ٻئي ملڪ وڇوٽين ۽ دورين جي ڪريٻنهي ملڪن هڪٻئي لاءِ دروازا بند ڪري هڪٻئي کان پري ويهي رهيا. پر هاڻي ان ڳالھ جو ٻنهي ملڪن کي احساس ٿيو آهي . اهڙين پاليسين جي ڪري ٻنهي ملڪن جي درميان هلندڙ واپار  ٺپ بند ٿي ويو،  پاڪستان ۾ ميوا جام ٿيندا آهن ۽ ڀارت ۾ گرم مصالا جام ٿيندا آهن . خاص ڪري پاڪستان جا ڇوهارا ڀارت ۾ غمي ۽ خوشي جي موقعن تي ورهايا ويندا آهن ڀارت ۾ کارڪن ۽ ڇوهارن جي گھرج وڌيڪ هوندي آهي ۽ وري پاڪستان ۾ گرم مصالن جي جام گھرج هوندي آهي پاڪستان ۾ کجي جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو آهي جيڪو کجي جو ٿڙ 1000 رپين ۾ وڪامجندو هو اهو هاني 500 ۾ مس پيو وڪامي ڇاڪاڻ ته پاڪستان مان ڇوهارا سڌي ريت ڀارت نه پيا وڪامن  پر اهي اڻ سڌي طرح ٻين ملڪن مان وڃن پيا جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جو نقصان ٿي رهيو هو هاڻي ٻنهي ملڪن جي درميان  تعلقات بهتري جي طرف وڌي رهيا آهن جڏهن اها خبر آمريڪا جي ٽرمپ انتظاميه کي پئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجا تعلقات بهتر ڪري رهيا آهن ته انهن به پاڪستاني قوم تي  شفقت واري هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . هڪ ته اڳ پاڪستان ۾جيڪي به حڪومتون جڙيونآهن اهي  پرڏيهي قوتن جي فون يا ٽياڪڙي سان جڙنديون رهيون آهن. پر هن ڀيري بنا ڪنهن پرڏيهي دٻاءَ جي پاڪستان ۾ حڪومت جڙي آهي جيڪا ميڊ ان پاڪستان آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي هڪ آفيسر چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا پاڪستان جي نئين وزير اعظم عمران خان هڪ موقعو ڏيڻ چاهي ٿي ته هو ڀارت سان پنهناج تعلقات بهتر بڻائي سگهي.آمريڪا جي بچاءَ واري  اسسٽنٽ سيڪريٽري رينڊل شرائيور چيو آهي ته پاڪستان جون گهڻيون حڪومتون ڀارت سان پنهنجا تعلقات بهتر بڻائڻ چاهينديون آهن پرحڪومتن کي جلد ئي حقيقتن ۽ مشڪلاتن جو اندازو ٿي ويندو آهي.هن چيو ته پاڪستان بابت آمريڪا جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي  نھ ايندي.آفيسر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مالي امداد ۾ ڪٽوتي جو آمريڪي رويو برقرار رهندو.واضح رهي ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ نئين قيادت سان ملاقات ڪندا.آمريڪي جي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا.آمريڪا جي بچاءَ واري وزير چيو آهي  ته پرڏيهي وزير ۽ جنرل جوزف وزير اعظم عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ۾ آمريڪي عهديدار صاف ۽ واضح  طور تي طئي ڪندا ته کين ڇا ڪرڻوآهي. ڪن ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته آمريڪا پرڏيهي وزير پومپيو ۽ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي جو ٽرانسڪرپٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظمن کي ڀارت سان ناتا بهتر ڪرڻ نه ٿا ڏنا وڃن پر عمران خان کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي پومپيو ۽ عمران خان وچ ۾ ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جو ٽرانسڪرپٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ اسان دهشتگردي جي ذڪر بابت آمريڪا جو موقف درست ثابت ٿيو آهي. ٽرانسڪريٽ ۾ دهشتگردي جو ذڪر موجود آهي. هوڏانهن آمريڪي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان جي نئين وزيراعظم عمران خان کي ڀارت سان ناتا بهتر بڻائڻ لاءِ وقت ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان جي چونڊيل، وزيراعظمن به ڀارت سان ناتا سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو. هڪ پاسي آمريڪي ٽرمپ پاڪستان کي ڀارت سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيون آهن ته ٻئي پاسي وري نه وڻندڙ اوڳاڇي به ڏئي رهيا آهن. خير پاڪستان ۽ ڀارت جي درميان هيٺين سطح تي ٿيون جيڪي پهرين مرحلي ۾ ڪامياب ويون آهن اڳتي به سٺي پيش رفت جي لاءِ سٺي اميد رکي سگھجي ٿي . پهرين مرحلي ۾ جيڪا ڄاڻ ذريعن کان ملي آهي ان جي مطابق  ڀارت لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي پاڪستان جا اعتراض قبول ڪري ورتا آهن ۽ هاڻي پاڪستاني پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو. پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جي ٻن ڏينهن جي گڏيل ڳالهين ۾ پاڪستان مضبوط موقف پيش ڪيو ۽ لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي اختيارين سامهون اعتراض پيش ڪيا.  ذريعن موجب ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي 9 رڪني وفد نئين دهلي روانگي کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن سان رابطو ڪيو ۽ بعد ۾ وري گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. پڌرنامي تي صحيح واري تقريب ۾ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا ۽ پاڪستاني واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو جنهن دوران ٻنهي تڪراري هائوسز جو معائنو ڪيو ويندو. پاڪستان جو موقف آهي ته ٻنهي رٿائن جي ڊيزائن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ طئي ٿيل 1960 جي انڊس واٽر ٽريٽي خلاف آهي. پاڪستان جو مطالبو هو ته پڪل ڊل بجلي گهر جي اوچائي پنج ميٽر گهٽ رکي وڃي ۽ سپل ويز جا گيٽ سمنڊ کان وڌيڪ 40 ميٽر بلند رکيا وڃن. ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي درميان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين تعلقات بنائڻ لاءِ سٺو ماحول جڙي رهيو آهي هاڻي ان ۾ ڪا وڇوٽي نه پوڻ گھرجي . هون به خطي جي بهتري ان ۾ آهي ته ٻنهي ملڪن جي درميان سمرا انگھيل معاملا ڳالهين جي ذريعي حل ڪيا وڃن ۽ ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ دوستي جي وک وڌائڻ گھجي ۽ هڪٻئي سان واپار ۽ صنعتي شين جي واپار جو جلد آغاز ڪيو وڃي جيئن ٻنهي ملڪن جو عوام فائدو وٺي سگھي .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں