لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو

لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ

 تحرير ربنواز راز ڄامڙو    

 سنڌ ڌرتي علم ادب ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتن سان  ڀري پئي آهي جن مان ڪي اهڙا مها ڏاها اڪابر به آهن جيڪي گھڻي علم هوندي به لڪل هوندا آهن . منهنجي ڪچهري هون ته سدائين غير رسمي طريقي سان ٿيندي رهندي آهي پر اڄ دل چيو ته اوهان سان به ان شخصيت جي ڪچهري ڪرايان جيڪو  هڪ دانشور ، ڏاهو ، لطيف جو پارکو ۽ ڪبير پنٿ، درگاھ سيد بولڻ شاھ بخاري جو متولي آهي . وٽس علم جا ڀنڊار آهن . سندس ادبي حوالي سان ڪاوشون روشن ڏيئي مثل آهن . اچو ته ساڻس ڳالھ ٻولھ ڪريون .

سوال سائين اوهان جو پورو نالو ڇا آهي ؟

جواب منهنجو پورو نالو هوت خان آهي پر آءُ هوت فقير جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو آهيان جڏهن ته مان ڳوٺ ۾ ميدان فقير جي نالي سان  پڻ ڄاتو سڃاتو ويندو آهيان . ميدان فقير مون تي نالو تڏهن پيو جڏهن درگاھ سيد بولڻ شاھ بخاري جي پٽي وارن فقيرن ۾ شامل ٿيس ۽ هاڻي درگاھ بولڻ شاھ بخاري جو ٻيو متولي فقير آهيان .

سوال سائين اوهان جي پيدائش ڪٿي ۽ ڪڏهن  ٿي ؟

 جواب منهنجي پيدائش منهنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد سچي سپوت ، باڪردار شخصيت ، اهل علم ، سماجي شخصيت ، سهڻن اخلاقن جي مالڪ  خدابخش ڄامڙو جي گھر ۾ 1958 ع ۾ ٿي .

سوال اوهان پنهنجي شروعاتي  تعليم ڪڏهن ۽ ڪٿان پرائي ؟

جواب جيتري قدر مونکي ياد آهي ته مان پنهنجي پالڪ پڻ واري تعليم پنهنجي ذاتي (اوطاق کوھ ) جنهن کي بابا سائين اسڪول لاءِ وقف ڪيو هو اتان ئي 1968ع ۾ پنهنجي باعث فخر استاد محڪم الدين ڄامڙو زير نگراني ۾ پرائمري پنج درجا پاس ڪيا .

سوال ڪيتري عمر ۾ اوهان کي پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ۽ نوڪري ڇڏڻ جو سبب ڪهڙو آهي  ؟

جواب مونکي ڦوھ جواني ۾ سنڌ پوليس ۾ نوڪري ملي جيڪا مون وقت کان اڳ رٽائر مينٽ ڪري پاڻ کي سرڪاري نوڪري مان فارغ ڪيو نوڪري سان دل نه لڳي جنهن جو ڪارڻ فقيري مزاج آهي جنهن دنيا جي دنڌن کان پري ڪري ڇڏيو،  درگاھ سيد بولڻ شاھ بخاري تي رکيل مولا علي عليه السلام جي قدمن جو ٻهاريدار ۽ نوڪر آهيان اهو منهنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي . مون 20 سال پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي  انهي عرصي دوران  سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو اکين ڏٺو مشاهدو ڪيو جتي مون فقير صفت انسان کي مزو نه آيو. ڇاڪاڻ ته منهنجي زندگي تي فقيري لقب جو اثر چڙهيل هو. پوليس ۽ فقيري گس جا پنڌ پيچرا الڳ آهن. ان ڪري نوڪري ڇڏي ڏنم.

سوال ٻڌو آهي ته اوهان کي ڪتابن سان پڻ چاھ آهي اهو شوق اوهان کي ڪڏهن لڳو۽ ڪتاب اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي ؟

جواب جنهن ماڻهو جي من ۾ علم جو آستانو هوندو آهي ان جي دل ڪتابن جي مطالعي کان سواءِ ائين اداس هوندي آهي جيئن ويران باغ ۾ ڪا ڪوماڻي بلبل اداس هوندي آهي . ائين ئي منهنجي اندر ۾ مونکي پنهنجي پاڻ ۾ علم جو آستانو نظر آيو جنهن کي سجائڻ لاءِ مون ڪتابن سان مظبوط نينهن جو ناتو جوڙيو جيڪو زندگي جي آخري پل تائين انهن سان جڙيل رهندو ، علم حاڇن چٽڻ سان نه پر اندر جي اک سان فيض جي صورت ۾ ملي ويندو آهي . ڪتاب جي اهميت برقرار آهي توڙي جو جديد دور اچي ويو آهي انٽرنيٽ ۽ گوگل ڪتابن مٿان حاوي ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن پر ڪتاب ادب جو ورثو آهي اديب ڪتابن جا محافظ هوندا آهن ڪتاب لائيبررين ۾ سجائي رکڻ لاءِ نه پر مطالعي ڪرڻ لاءِ آهن . منهنجي لاءِ ڪتاب واندڪائي ۽ فرست واري وقت جو بهترين دوست آهي .

سوال رنگن جا به مختلف رنگ ٿيندا  آهن هر انسان جي دل کي ڪونه ڪو رنگ مائل ڪري وٺندو آهي . اوهان جي دل تي ڪهڙو رنگ گھرو اثر وجھي ٿو. ڇاڪاڻ ته اوهان هڪ ته فقيري صفت  آهيو ، ضرور ڪنهن نه ڪنهن رنگ اوهان جي دل کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ورتو هوندو . اهو ڪهڙو رنگ ٿي سگھي ٿو ؟

جواب اسين فقير آهيون اسان کي اهو رنگ وڻندو آهي جنهن ۾ ڪا اميد جي جھلڪ نظر ايندي آهي هون سڀئي رنگ پنهنجي جاءِ تي سهڻا لڳندا آهن پر سڀني رنگن مان واحد رنگ (لال ) ڳاڙهو آهي جنهن ۾ فقيري اميد سمايل هوندي آهي ان کي ڪنهن به فقير جون اکيون پسي پر سڪون ٿي وينديون آهن .ان ڪري منهنجي پسند جو رنگ به لال ڳاڙهو رنگ آهي . 

سوال اوهان اديب به آهيو ۽ ان سان گڏ اوهان فقير به آهيوهاڻي اوهان مون کي ٻڌايو ته اوهان کي کاڌن مان ڪهڙو کاڌو پسند آهي ؟

جواب جيئڻ ۽ جستجو ڪرڻ لاءِ کائڻ ، پيئڻ ضروري آهي جيڪو کاڌو گھر ۾ تيار ٿيندو آهي اهو ئي کائي رب جو شڪر ادا ڪندو آهيان پر سبزي ۾ڪريلا ۽ مڇي ماني دل سان پسند ڪندو آهيان .

سوال اوهان کي لباس ۾ ڪهڙي رنگ جو لباس پسند هوندو آهي ؟

جواب ، جئين ته  آءُ سنڌ جو رهاڪو آهيان ۽ سنڌ ۾ پليو نپيو آهيان ان ڪري لباس ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي لباس سلوار قميص پسند آهي خاص ڪري اڇي رنگ جا ڪپڙا اڪثر پهريندو آهيان .

سوال اوهان جو پسند ديده شاعر ڪهڙو آهي جنهن جي شاعري کان اوهان متاثر ٿيا هجو ؟

جواب منهنجي لاءِ هر قلمڪار محبوب آهي مون لطيف جي رسالي جو به مطالعو ڪيو آهي ، ڪبير ڀڳت کي به پڙهيو آهي ، استاد بخاري جا به مختلف ڪتاب پڙهيا آهن ، رومي ، شيخ اياز ، پروين شاڪر سميت اڻکٽ شاعرن جي شاعراڻن ڪتابن جو اڀياس ڪيو آهي جن مان مونکي لطيف سائين جي شاعري گھڻو ڪجھ ڏنو آهي تنهن ڪري منهنجي پسند جو شاعر به شاھ عبدالطيف ڀٽائي آهي .

سوال اوهان ڪتاب به ڪافي پڙهيا آهن ڇاڪاڻ ته اوهان جا دوست به ڪتابن جا شوقين آهن اوهان پاڻ ۾ علم ، ادب جي متعلق ڪافي بحث به ڪيا آهن ، رات کٽي ويندي آهي پر اوهان جو بحث ۽ تحقيق نه کٽندي آهي هاڻي اوهان مونکي ٻڌايو ته ڪتابن ۾ اوهان کي ڪهڙو ڪتاب پسند آهي ؟

جواب ڪتاب ڪو به گھٽ ناهي هر ڪتاب وڏي اهميت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته ڪتاب اجرو جرڪندڙ آئينو آهي جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجو عڪس ڏيکاريندو آهي . مون کي به هڪڙي ڪتاب پنهنجو عڪس ڏيکاريو آهي اهو آهي ڪبير ڀڳت جيڪو شاعري جو ڪتاب آهي اهو ئي منهنجي پسند جو ڪتاب آهي .

سوال اوهان وٽ لائيبرري ته ناهي پر ڪتاب ڪثير تعداد ۾ آهن اهي ڪيترا ٿي سگھن ٿا انهن مان ڪن به ٽن ڪتابن جا نالا ٻڌايو ؟

جواب مون وٽ هون ته ڪافي ڪتاب هيا پر انهن مان اڪثر ڪتاب ونڊجي ورهائجي ويا آهن آهن هن وقت به 300 ڪتاب موجود آهن ، مثنوي روم ، ڏاهيون ڏک ڏسن ، تواسين منصور  سميت ٻيا ڪتاب شامل آهن ،

سوال اوهان جا ڪي اهرا دوست جن سان اوهان جون اڪثر ڪتابي ڪچهريون روح رهاڻيون ٿيون انهن جي نالن تي پنهنجي مٺڙي زبان سان روشني وجھي سگھو ٿا ؟

جواب دوست منهنجي اڻکٽ ملڪيت آهن دولت کٽي سگھي ٿي پر دوست ناهن کٽي سگھندا پر انهن دوستن جي هيرن واري مالها مان ميان فاروق صاحب راڄپر ، وقار حسين ٻانڀڻ ، ڊاڪٽر الله بخش راڄپر ، نبن جوڳي انهن مان چونڊ ماڻڪ موتي آهن .

سوال اهڙي خواهش جيڪا اوهان جي پوري نه ٿي هجي ؟

جواب مون تي مالڪ جا احسان آهن منهنجون سموريون خواهشون پوريون ٿيون آهن پر جيئن دنيا اميدن تي قائم هوندي آهي هڪڙيون خواهشون پوريون ٿينديون آهن ته ٻيون جنم وٺنديون آهن اها منهنجي خواهش آهي ته مان چڱا ڪم ڪندو رهان مسڪينن مظلومن جي گهر وقت مدد ڪندو رهان ۽ رب پاڪ اها منهنجي خواهش بار بار پور ڪندو رهي .

سوال هن وقت اوهان جي عمر ڪيتري آهي ؟

جواب هن وقت منهنجي عمرلڳ ڀڳ  60 سال آهي پر شعور ۽ ذهنيت جوانن جهڙي آهي علم ادب سان اڄ به چاھ ۽ چس آهي  جنهن ڪري گذري ويل ويل جو پيو ئي نه پيو آهي .

 سوال اوهان ميڊيا جي توصل سان پڙهندڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا ؟

جواب خاص ڪري منهنجو پيغام  والدين لاءِ آهي ته پنهنجي عام رواجي  زندگي جي خرچن کي گھٽ ڪري پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ۽ سٺي تربيت ڏيارو جيئن اهي پٿريلن پيچرن تان گذرڻ جي پاڻ ۾ سگھ پيدا ڪري سگھن ۽ سماجي براين کي پنهنجي سماج مان تڙي ڪڍن ۽ معاشري لاءِ سٺا انسان بڻجي اڀري اچن اهو سڀ ڪجھ تعليم کان سواءِ نا ممڪن آهي

 هاڻي اڄ جي مهمان هوت فقير ڄامڙو ۽ ڪالم نگار ربنواز راز کي ڏيندا اجازت وري زندگي جي ڪنهن نئي موڙ تي اوهان جي ملاقات ڪنهن ٻئي  مهمان سان ڪرائيندس تيسيتائين حق موجود  .      

اپنا تبصرہ بھیجیں