سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه

0Shares

سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله  ۽ عوام لاء پيغام

سيد زوار حسين شاه

نئين پاڪستان جي نئين وزيراعظم وفاقي وزرائن جو جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي پاڪ فوج جي سپاه سالار جناب قمر جاويد باجوه ۽ ٻين پاڪ فوج جي آفيسرن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو جنهن کان پوء گرم جوشي سان عمران خان کي وزيراعظم ٿيڻ جي مبارڪ باد ڏني ، وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفاقي ڪابينه جي اهم  وزيرن پرويز خٽڪ ، شاه محمود قريشي ، اسد عمر فواد چودري ، شهريار آفريدي سان گڏ جي ايڇ ڪيو ميٽنگ حال پهتا  هڪ ٻئي جو تعارف ڪرايو ويو مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ وزيراعظم عمران خان جو ڪيل استقبال ڪڏهن به نه وسرندو ، ان جا ڪئي سبب آهن   پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به وزيراعظم جي ايڇ ڪيو ۾ ڪنهن اجلاس جي صدارت ناهي ڪئي ، هي واحد وزيراعظم عمران خان آهي جنهن کي وڏي جوش جذبي سان گاد آف هانر پيش ڪيو ويو جنهن کان پوء باضابطه ملاقات ٿي ۽ ملڪي صورت حال تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ ملڪ اندر شروع ڪيل ڪرپشن جي خاتمي لاء پڻ جدوجهد ، ملڪي صورت حال پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي هڪ ٻئي سان تعلقات بهتر بنائڻ کي وڏي اهيت ڏني وئي ان سان گڏ ڀارت جي هٽ ڌرمي انتشار پيدا ڪرڻ پاڪ سرحدن ٿي بلا جواز فائرنگ تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي ، پاڪستان جي وزيراعظم کي  پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت پاڪ فوج جي ڪيل تازي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻول ٿي ، ان سلسلي “۾ پاڪ فوج جي سپاه سالار جناب قمر جاويد باجوه وزيراعظم کي ڪئي اهم امور تي  بريفنگ ڏني ،  جنهن کان پوء نئين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ جنرل جاويد باجوه وڏي خوش گوار موڊ ۾ نظر ٿي آيا ، برحال مان سمجهان ٿو ته عمران خان اهو ڪجهه ڪرڻ وارو آهي جيڪو ڪنهن سوچو به نه هوندو  اهو انڪري جو هو ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو ته جيئن نئين پاڪستان ۾ ڪنهن کي جرئت نه ٿئي ته هو ملڪي معيشت کي تباهه ڪري سگهي ،جيئن پهريان ٿيندو رهيو آهي کربين رورپين جي ڪرپشن جا ڪئي وڏن ننڊن سياستدانن سميت عام ماڻهن تي به آهن جنهن کي جتان موقعو مليو ان تان ڪرپشن ڪئي آهي جنهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ، پر نئين پاڪستان ۾ اهو ته محسوس ٿئي ٿو ته پاڪ فوج سول حڪومت سان گڏ هلڻ لاء تيار آهي  هن ملاقات دوران نئين پاڪستان جي وزيراعظم پاڪ فوج جي سپاه سالار کي يقين ڏياريو ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته پاڪ فوج جون سڀ جائز ضرورتون پوريون ڪيون  مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي تاريخ گولڊن لفظن ۾ لکي رهيا آهيون جنهن طرح سان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون مرتبه  اسان سول حڪومت ۽ فوجي حڪومت هڪ پيج تي آهيون جيئن اسان نئين پاڪستان ۾ درپيش مسئله فوري حل ڪري سگهون ، وزيراعظم عمران خان چيو ته مان قاداعظم محمد علي جناح وارو سوچيل آزاد ڪرايل پاڪستان ڏسڻ ٿو چاهيان ، هن پاڪستان ۾ جيڪو خواب قائد اعظم محمد علي جناح ڏٺو يا جيڪو فڪر فلسفو ڊاڪٽر علامه اقبال ڏنو هو ان تي اسان جا سياستدان نه هلي سگهيا جنهن کان پوء پاڪستان بس اڳتي به وڌندو رهيو پر پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي مان سوسائيٽِي ايڪٽ 1860 مطابق ڪم ڪري پاڪستاني عوام کي آگاهي ڏيندو رهندو آهيان ته پاڪستان جي عوام جا حقوق ڪهڙا آهن ڪيئن حاصل ڪرڻ گهرجن ، مان به ڪئي حڪومتون ڏٺيون آهن جنهن ۾ ڪجهه دور ضياءالحق جي مارشالا مون کي ياد آهي ته سياسي پارٽين جي ڪارڪنن مٿان ڪهڙو ظلم ڪندا رهيا برحال ان کان پوء جيڪي به حڪومتون قائم ٿيون آهن انهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاڪستان حڪومت سان ته ساٿ ڏنو پر  انهن سول حڪومتن انهن کي ڪڏهن به پنهنجو نه سمجهو سدائين اهو چوندا رهيا ته پاڪستان مٿان ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا  جنهن ڪري حڪومت گهڻو وقت نه هلي سگهيو  ۽ ملڪ کي هلائڻ لاء اربين روپيا ڳري قرض  کڻي ان جو وايج ڀريندا رهيا ، هن وقت پاڪستان مٿان 28 هزار ارب روپيا قرض آهي جنهن کان پوء قرض جي قسط نه نه ٿا لاهي سگهون ان لاء به هاذڻي پاڪستان جي وزيراعظم چيليج تسليم ڪندي عوام سان واعدو ڪيو آهي ته انشاء الله اسان ڪنهن کان به قرض نه کڻندا سين پنهنجا وسائل پيدا ڪري عوام جي سهڪار سان ملڪ مٿان جيڪو قرض آهي اهو لاهينداسين جيڪو في الحال ته ممڪن نه ٿو نظر اچي ، وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي سپپاه سلار جنرل قمر جاويد باجوه جي تعريف ڪندي چيو ته اسان کي يقين آهي پاڪستان جي عوام جي جان مال جي حڦاظت کي اوهان يقيني بڻائيندا ، ان سان گڏ پنهنجون جانيون قربان ڪري سرحدن جي حفاظت ڪندا ان موقعي تي پاڪ فوج جي سپاه سالار  آپريشن بابت پڻ مڪمل بريفنگ ڏني  ان سان گڏ ردالفساد آپريشن جي ڪاميابي تي پن گفتگو ٿي شهيد ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو   مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي قسمت جاڳندي ، پاڪستان کي اهو وزيراعظم مليو آهي جيڪو هڪ ذوالفقار علي ڀٽي کان پوء سڌو سنئون عوام سان تعلق رکي ٿو ۽ هڪ انتهائي وائيٽ ڪالر مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي  هن کي اهو يقين آهي ته عوام جا ڪهڙا ڪهڙا مسئله آهن وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان هن پاڪستان جي عوام کي خوش حال ڏسڻ چاهيان ٿو ، جنهن لاء اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪا منهنجي ذميواري آهي مان ڪم ڪندس جيڪا توهان جي زميواري آهي اها توهان مڪمل ڪندا  ، هن مزيد چيو ته اسان جو عوام سجاڳ ٿي ويو آهي اسان کي الله سائين موقعو ڏنو آهي اسان ڪرپشن جو خاتمو بنا فرق جي ڪنداسين ڪوئي ڪيترو به طاقتور هجي ان کي هاڻي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو پوندو ، اسان هر ان ماڻهون کي گرفتار ڪنداسين جنهن هڪ روپيئي جي به ڪرپشن ڪئي آهي ، مان سمجهان ٿو ته هن ملاقات ۾ ڪئي اهم فيصله پڻ ڪيا ويا ملڪ جي بقا لاء هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو پڻ عزم ڪيو ويو مان اهو ضرور چوندس ته جيڪڏهن  هاڻي به پاڪستان جي عوام لاء ڪجهه نه ڪيو ويو ته پوء عوام جي دل ڀڄي پوندي ۽ هو اليڪشن دورام گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا ، پاڪستان جي سرحدي صورت حال پڻ ڪافي عرصي کان خرب آهي ڀارت  پڻ پاڪستان خلاف سازش ڪري اسان کي پريشان ڪرڻ چاهي ٿو  پر هاڻي ائين نه يٿندو انهن سان برابري جي بنياد تي ڳالحه ٻول ٿيندي ان سان گڏ افغانستان اندر خودڪشي جي واقعن تي اسان کي انتهائي ڏک ٿئي ٿو  مان سمجهان ٿو ته افغانستان ۾ جيڪڏهن امن بحال ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ به صورت حال يڪسان هوندي اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي ، نئين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان وڏي دانشمندي ملڪ جي ڀلائي بقا لاء ڪم ڪري رهيو آهي انهي سلسلي ۾ هو پنهنجي ٽيم کي پڻ مقرر ڪري اهي مسائل: حل ڪرڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو ، عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات گهڻن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن اهو ان ڪري جو گذريل ڪجهه عرصي کان  ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿي رهيا آهن ڪئي نوان اسيڪنڊل پڻ ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ جعلي اڪائونٽس مني لانڊرنگ العزيزيه  فيڪٽري سميت ٻيا به ڪئي ڪيس آهن جنهن ۾ ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا نالا به گردش ۾ آهن نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال وزيراعظم سان ملاقات ڪئي نئين پاڪستان جي وزيراعظم ان کي به يقين ڏنو ته توهان ڪم کي جاري رکون توهان جي محنت مان ڪم مان مڀمئين آهيان جيڪا قانوني توهان کي مدد ملندي اها به پوري ڪندس ، ان سان گڏ ايف آئي ، نيب جن کي اهم ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ حسين نواز ، حسن نواز ، اسحاق ڊار ، ميمو گيٽ جو مڪ ڪردار حسين حقاني کي انٽرپول ذريعي پاڪستان آڻڻ جو ٽاسڪ پڻ ڏنو ويو آهي ڪئي جيل اندر آهن ڪئي ڪيس جلد کوليا ويندا ، برحال وزريراعظم عمران خان ، ۽ جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات کان پوء عوام ۾ اعتماد جنم ورتو آهي سڄي دنيا جي تمام ملڪن لاء پيغام آهي ته اسان هڪ آهيو هڪ رهنداسين ، توهان سان سفارتي  تعلقات به برابري جي بنياد تي رهندا ، وڏو فائدو اهو رسندو ته سي پيڪ منصوبي خلاف سازش ڪندڙ ملڪ ، سياستدان ،هن ملاقات کان پوء خوف ۾ مبتلا ٿي ويا هوندا ، نئين وزيراعظم جيڪي 100 ڏينهن ايجندا پيش ڪئي ان طرف گامزن آهي ، في الحال ته اليڪٽرانڪ  پرنٽ ، ۽ سوشل ميڊيا تي عمران خان خلاف واويله شروع ٿي وئي آهي ، مان سمجهان ٿو ته ٿورو انتظار ڪيو وقت ٻڌائيندو ته عمران خان پاڪستان کي قرض ، جي دلدل  مان ٻاهر ڪيئن ٿو ڪڍي عوام سان ٿيل زيادتين جو حساب ڪيئن ٿو وٺي  صحت ۽ تعليم ۾ بهتري ڪيئن ٿو آڻي ۽ سڄي دنيا سان سفارتي تعلقات ڪيئن ٿو بهتر بڻائي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں