سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان

0Shares

سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو:

درياءُ خان

سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي تباهي عروج تي آهي، سنڌ جيترو تعليم ادارن جي تباهي جي حوالي سان ڀوڳيو آهي اهڙو ڪنهن صوبي ناهي ڀوڳيو، هن صوبي ۾ 2 ڀيرا لاڳيتو عوامي حڪومت رهي ۽ هاڻي ٽيون ڀيرو بہ ان ئي عوامي حڪومت جو راڄ قائم آهي پر سنڌ جي نصيب ۾ تعليم بہ ناهي، سنڌ جي تعليم هن وقت ڍانچو بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن جي اسڪولن  ۾ فرنيچر ناهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن جا اسڪول ئي بند آهن، جتي اسڪول رجسٽرڊ آهن تہ بلڊنگس نہ آهن، جتي بلڊنگس آهن تہ وري انهن کي بوائنڊري وال ناهي، اسڪول ۾ رجسٽرڊ ٻارن جو تعداد وڌيڪ آهي پر ٻارڙن جي ويهڻ جو ڪو بندو بست نہ آهي، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، ڪٿي وري استادن ٻهراڙي جي اسڪولن ڏانهن پڙهائڻ نٿا وڃن، سنڌ جي تعليم ڍانچو بڻجڻ جو ثبوط اڃا ٻيا ڪهڙا؟ هوئن تہ سنڌ جي ضلعن ۾ پرائمري تعليم جو خاتمو جاري آهي پر هاڻي نياڻين جي تعليم بہ ڄڻ داءُ تي لڳي رهي آهي، سنڌ ۾ تازا 2 واقعا اهڙا ٿيا آهن جن تمام گهڻي تڪليف ڏني آهي، ڪجهہ ڏينهن اڳ وزيرستان، گلگت، سوات ۾ نياڻين جي اسڪولن کي باهہ ڏئي ساڙڻ جا واقعا پيش آيا، جيڪي واقعا اخبارن ۾ پڻ رپورٽ ٿيا هئا، جڏهن اسان اها خبر پڙهي تہ ان وقت اهو خيال آيو تہ شرپسند ماڻهو نياڻين کي پڙهائن تہ نٿا پر جن جون نياڻيون جن اسڪولن ۾ پڙهن ٿيون انهن اسڪولن کي ئي باهہ ڏئي ٿا ڇڏين، جڏهن اهڙا واقعا انهن علائقن ۾ ٿيا تہ نياڻين جي وارثن خوف منجهان پنهنجون نياڻيون اسڪولن ڏانهن نہ موڪليون، شرپسند بہ اهو ئي چاهن پيا تہ اسڪول جي شاگردياڻين ۽ انهن جي وارثن کي خوف ڏجي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويا، اخبارن ۾ اها رپورٽ ٿي هئي تہ وارث نياڻين کي اسڪولن ڏانهن نہ پيا موڪلن، اهڙن واقعن کي اڃا ڪجهہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ سنڌ ۾ بہ ٻہ واقعا پيش آيا جن پيرن هيٺا زمين ڪڍي ڇڏي، ڇو جو اسان اخبارن ۾ اهڙن واقعن بابت اڳ ئي پڙهي چڪا هئاسين پر اها سوچ نہ هئي تہ امن جي ڌرتي تي بہ اهڙا واقعا ٿي سگهن ٿا، سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم اڳ ئي گهٽ آهي، ڳوٺن ۾ اسڪولن آهن تہ انهن تي قبضا آهن، شهرن ۾ جيڪي اسڪول آهن اهي تعليم کاتي جي بيڌياني سبب سهولتن جي کوٽ جو شڪار آهن، تنهن باوجود بہ والدين پنهنجون نياڻيون سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا ان اميد سان تہ جيڪڏهن هڪ عورت پڙِهي تہ پورو گهر پڙهيو، اها ئي اميد والدين جو سهارو هوندي آهي، پر جڏهن سنڌ ۾ خوفناڪ واقعا پيش اچن تہ پوءِ والدين جي دِل نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪيئن چوندي؟ ڪجهہ ڏينهن اڳ نوشهرو فيروز ضلعي جي شهر ڀريا روڊ ۾ هڪ واقعو پيش آيو، ڀريا روڊ جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ تعليم دشمن شرپسندن اسڪول جا تالا ٽوڙي اسڪول اندر ڀڃ ڊاهہ ڪئي، اسڪول ۾ پيل فرنيچر ڀڃي ڇڏيو، استادن جي ويهڻ واريون ڪرسيون پڻ ڀڱيون، اهڙي تعليم دشمن عمل خلاف ڀريا روڊ جي شهرين، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن، استادن، شاگردن جي والدين احتجاج ڪيو ۽ مسئلي بابت اعليٰ اختيارين کي ننڊ مان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻيو واقعو ميرپور خاص ۾ پيش آيو، ميرپوروخاص ضلعي جي ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ الهہ بخش ڪاڪا ۾ موڪل واري ڏينهن تي نياڻين جي پرائمري اسڪول کي مبينا طور باهہ لڳي وئي، پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ پيل نياڻين جي ويهڻ واريون بينچون سڙي ويون، ان واقعي جو اطلاع ڳوٺاڻن اسڪول جي کلڻ واري ڏينهن تي ضلعي جي تعليم کاتي جي ڪامورن کي ڪيو جن ڪو نوٽيس وٺڻ بجاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو بہ نہ ڪيو، مبينا طور لفظ ۾ کوڙ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون تہ موڪل واري ڏينهن اسڪول جي ڪمري کي باهہ ڪيئن لڳي؟ سو بہ نياڻين جي اسڪول کي؟ ضرور اهو بہ ڪنهن تعليم دشمن شرپسند ئي اهڙو قدم کنيون هوندو، سنڌ ۾ اهي ٻہ واقعا جيڪي تازا رپورٽ ٿيا آهن انهن ٻنهي واقعن تي تعليم کاتو خاموش آهي، ان جو سبب خبر ناهي تہ ڇا آهي، ٻنهي واقعن جون رپورٽون اخبارن ۾ بہ شايع ٿيون پر ان باوجود بہ تعليم کاتي جي بي وسي سمجهہ کان ٻاهر آهي، ڀريا روڊ ۾ پرائمري اسڪول ۾ ڀڃ ڊاهہ، ڳوٺ الهہ بخش ڪاڪا ۾ نياڻين جي اسڪول جي ڪمري کي موڪل واري ڏينهن باهہ لڳڻ، ٻئي واقعا معمولي ناهن، سنڌ جي اسڪولن ۾ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن جن واقعن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اخبارن ۾ لڳل خبرون ۽ هن خط ذريعي سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم، ايس ايس پي نوشهرو فيروز، ايس ايس پي ميرپورخاص جو ڌيان ڇڪائجي ٿو اهڙن واقعن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي، ملوث تعليم دشمنن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڪٿي ايئن نہ ٿيئي جو اهڙن واقعن کي معمولي سمجهون ۽ تعليم دشمنن جو اهو ڄار سنڌ جي ٻين شهرن تائين پهچي وڃي، سنڌ جي والدين کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي، انهن جي ٻچڙن جي ڀلائي ۽ مستقبل لاءِ انهن جي مدد ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں