افغانستان آخري ون ڊي ۾ آئرلينڊ کي بدترين شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

بلفيا(اسپورٽس نيوز) افغانستان آخري ون ڊي ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان ٽيم آئرلينڊ کي بدترين شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. آئرلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪندي 36.1 اوورن ۾ فقط 124 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ولسن 23، اينڊي بالبرين ۽ سمي سنگهه 17-17 ۽ ڪيون اوبرائين ۽ اينڊي ميڪبرائن 16-16 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. 5 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. راشد خان 3 ۽ آفتاب عالم، گلبدين، نائب ۽ محمد نبي 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ افغانستان گهربل هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 23.5 اوورن ۾ ئي حاصل ڪري ورتو. احسان الله 57 ۽ شاهدي 34 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيا. رحمت 33 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ٽم مرتگهه ۽ رينڪن 1-1 شڪار ڪيو. راشد خان کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز به افغانستان 1-2 تان پنهنجي نالي ڪئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں