هاڻي ڪا به سفارش نه هلندي، سڀني جو احتساب ٿيندو، عوام کي زحمت کان بچائڻ لاءِ هيليڪاپٽر جو استعمال ڪيو: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جي ڪا به غلط ڳالهه نه مڃي ويندي. وزير اعظم عمران خان سان ٽي وي اينڪرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سڌُ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري به موجود هئا. ملاقات ۾ وزير اعظم عمران خان  چيو ته تنقيد ضرور ڪيو ڊڄندو ناهينا پر تنقيد سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.  وزير اعظم چيو ته گردشي قرض 1200 ارب رپين تائين پهچي ويا آهن، جيستائين ملڪ ۾ احتساب نه ٿيندو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته نيب چيئرمين کي چيو آهي ته بنا فرق جي احتساب ڪيو وڃي، جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال کي چيو ته حڪومتي ميمبر به ڪرپشن ۾ ملوث هجي ته ڪارروائي ڪيو. ٽي وي اينڪر سان ملاقات ۾ عمران خان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي کليل نموني حمايت ڪئي.  وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير کي ٽي مهينا ڏيو، پوءِ ڪارڪردگي تي ڳالهائينداسين، ميڊيا تن مهينن بعد کليل تنقيد ڪري. وزير اعظم  عمران خان ڪفايت شعاري مهم جي حوالي سان ٻڌايو ته اِها مهم ٽي مهينا جاري رهندي ۽ ڊاڪٽر عشرت حسين ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ڪفايت شعاري مهم ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي.  هيليڪاپٽر جي استعمال جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان وضاحت ڪئي ته عوام کي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ڪيو. پنهنجي ٽيم جي حوالي سان وزير اعظم چيو ته جيڪا ٽيم چونڊي آهي ان جو ماضي ڇا  هو آئون ان جو ذميواري ناهيان، ٽيم کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هڪ رپئي جي ڦيرڦار برداشت نه ڪندس. هن چيو ته ڪو به وزير مستقل ناهي، ڪارڪردگي جي بنياد تي تبديلي ٿيندي، پرڏيهي ملڪن جي دوري بابت ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته عالمي دورا هن وقت منهنجي ترجيحن ۾ شامل ناهن. هن چيو ته پرڏيهي دورا رڳو ملڪي مفاد ۾ ڪيا ويندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڃڻ بابت وزير اعظم چيو ته اُتي وڃي 4 ڏينهن ضايع نٿو ڪرڻ چاهيان. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان چيو ته آمريڪا جي ڪا به غلط ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي، آمريڪا سان وڙهي نٿا سگهون، انهن سان لاڳاپا بهتر آهن.عمران خان چيو ته پنهنجي وزيرن کي کڻي بي خوف اڳتي وڌندس.  آمريڪا، ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، جي ايڇ ڪيو جو دورو بهتر رهيو. دوري ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج جو ادارو حڪومت جي پٺيان آهي. هن چيو ته احتساب  جو عمل شروع ٿيڻ سان چيو ويندو ته جمهوريت کي خطرو آهي. پر پنهنجو هجي يا پرائو احتساب  بنا فرق جي ٿيندو. هاڻي ڪا به سفارش نه هلندي، حڪومتي  ميمبر  به ڪرپشن ۾ ملوث  هوندو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.  حڪومت کي اپوزيشن مان ڪو به خطرو ناهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں