وڏي وزير يا ان وٽ ويٺل شخص جي چوڻ تي بدلي ٿي ته ٺيڪ ناهي، سياسي مداخلت برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ميان ثاقب نثار ڊي پي او پاڪ پتن رضوان گوندل جي بدلي جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اسان ڏسون ٿا ته ڀلا ڪهڙي دٻاءُ تحت بدلي ٿئي ٿي جمعي تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊي پي او پاڪ پتن رضوان گوندل جي بدلي جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي ان دوران انسپيڪٽر جنرل پنجاب پوليس ڊاڪٽر سيد ڪليم امام ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا خاور مانيڪا ۽ احسن جميل گجر پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت آءِ جي کي هدايت ڪئي ته 3 وڳي تائين اهي هر حال ۾ حاضر ٿين ٻڌني شروع ٿيڻ تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خاور مانيڪا ۽ احسن جميل گجر ڪٿي آهن هي ڇا معاملو آهي پنجن ڏينهن کان پوري قوم ان جي پويان لڳل آهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته رات هڪ وڳي بدلي ڪئي ويئي ڇا صبح نه ٿيڻو هو اوطاق تي گهرائي معافي وٺڻ لاءِ ڇو چيو ويو هن ريمارڪس ڏنا ته وزيراعليٰ يا ان وٽ ويٺل شخص جي چوڻ تي بدلي ٿي ته هي ٺيڪ نه آهي هڪ ڳالهه بار بار چئي رهيو آهيان ته پوليس کي آزاد ۽ بااختيار بنائڻ چاهيون ٿا ٻڌڻي دوران جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته اسان سياسي مداخلت برداشت نه ڪنداسين چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڏسون ٿا ته ڪهڙي دٻاءُ تحت بدلي ٿئي ٿي عدال ۾ ٻڌڻي دوران آءِ جي ڪليم امام بيان ڏنو ته مون تي ڊي پي او جي بدلي لاءِ ڪوبه به دٻاءُ نه آهي محڪماڻي طور تي ان جي بدلي ڪئي ويئي اسپيشل برانچ ۽ ٻين ذريعن وٽان خبر پئي هئي ته رضوان گوندل صحيح معلومات نه پيو ڏي ٻڌني دوران آءِ جي پنجاب وڏي آواز ۾ چيو ته بدلي سزا ناهي هوندي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ وڏي آواز ۾ نه ڳالهايو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان وڏي وزير سان ڊي پي او کي ملڻ کان روڪيو عورت پنڌ هلي رهي هئي پوليس پڇا ڪئي ته ان ۾ ڇا غلط آهي ان تي آءِ جي پنجاب جواب ڏنو ته ان ڇوڪري جو هٿ پڪڙي پڇا ڪئي ويئي هئي ٻڌڻي دوران ڊي پي او رضوان گوندل جواب ڏنو ته پنجاب جي وڏي وزير جي پي سي او حيدر جي ڪال آئي ته مان ۽ آر پي او ملون مان 23 ۽ 24 آگسٽ واري واقعي جو وقتي آر پي او تي ٻڌايو هن ٻڌايو ته سڄو واقعو آءِ جي پنجاب کي واٽس ايپ پيغام موڪليو واقعي واري ڏينهن 4 وڳي فون آئي ته اوهان رات 10 وڳي تائين وزيراعليٰ هائوس پهچي وڃو رضوان گوندل ٻڌايو ته رات 10 وڳي اتي پهچي ويا هئاسين جتي پنجاب جي وڏي وزير احسن جميل جو تعارف ڀاءُ طور ڪرايو هن چيو ته احسن جميل پڇا ڪئي ته مانيڪا فئملي جو ٻڌايو لڳي ٿو ته ان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي پنهنجي بيان ۾ رضوان گوندل جو چوڻ هو ته مون کي ٻاهرين ملڪ مان پيغام موڪليا ويا جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته هي پيغام موڪليندڙ ڪير هئا ان تي رضوان گوندل ٻڌايو ته پيغام موڪليندڙن ۾ انٽر سروسز انٽيليجنس جو ڪرنل طارق هو هن پيغام ڏنو ته اوهان اوطاق تي هليا وڃو رضوان گوندل چيو ته هڪ فون ٻاهرين ملڪ ۾ موجود منهنجي سينيئر عظيم ارشد به ڪئي جڏهن ته مان ابراهيم مانيڪا کي ڪالهه ڪندو رهيس ته اوهان منهنجي آفيس نٿا اچي سگهو ته گهر اچو هن چيو ته مان قسم سان چوان ٿو ته مون کي ڪنهن پوليس اهلڪار ناهي ٻڌايو ته ڇوڪري سان بداخلاقي ٿي آهي عدالت ۾ جاري ٻڌني دوران ايڊيشنل آءِ جي ابوبڪر پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عورت سان بداخلاقي جو پهريون واقعو پنج آگسٽ تي پيش آيو هن ٻڌايو ته 6 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين هن معاملي تي ڪوبه ايڪشن نه کنيو ويو ۽ نه ئي ڪو رابطو ڪيو منهنجي جاچ اها آهي ته ڊي پي او کي هن واقعي جي جاچ ڪرڻ گهرجي ها ايڊيشنل اءِ جي ٻڌايو ته اسان عوام جا خادم آهيون اسان جي ڪائي انا ناهي هوندي 24 آگسٽ تي 18 ڏينهن کان پوءِ ٻڌايو ويو ته هڪ فون ٻاهرين ملڪ مان آئي ۽ ٻي فون آءِ ايس آءِ جي ڪرنل ڪئي ان تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اوهان جو موقف آهي ته 5 آگسٽ جي واقعي جي ڊي پي او کي جاچ ڪرڻ گهرجي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پوليس خدمت لا ءِ آهي پر اڄوڪي پوليس جاچ لاءِ شڪايت ڪندڙ کي چوي ٿي ته گاڏي ڪاهي اچو اسان اسان کي نظام تبديل ڪرڻو آهي رياست جي رٽ ۽ عزت برقرار رهڻ گهرجي عدالت ۾ ٻڌني دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا  آهن چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پوري واقعي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جو ڪهڙو ڪم هو هي وزيراعليٰ جو يار ڪٿان اچي ويو ڇا احسن جميل گجر ڪوئي وڏو ماڻهو آهي ان موقعي تي عدالت هدايت ڏني ته معلوم ڪري ٻڌايو وڃي ته خاور مانيڪا احسن گجر ڪيتري دير ۾ ايندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں