چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي

0Shares

چاهت ۽ چونڊ ..!:

عامر ڪمال سولنگي

جتي جنهن جڳ منجهه ڏاها ماڻهو پيدا ٿيا ۽ انهن پنهنجي ڏاهپ جي ڏانء سان قوم کي پنهنجي چاهتن ڀري زندگي کي چونڊ بڻائي جيئڻ سيکاريو اهي ماڻهو اڄ جي دور ۾ پنهنجي ان محنت جو چڱو چوکو سلو ماڻي ويٺا آهن سڌي ڳالهه آهي جو اهي جهڙي طرز زندگي جيئن ٿا اسان انهن جي زندگي جو مثال ڏئي ڪري پنهنجي ڳالهه اڳتي شروع ڪندا آهيون، اهڙن جفاڪش ماڻهن جي اڻهوند ته پنهنجي سنڌ ۾ به ڪونهي پر الميو اهو هميشه رهيو آهي ته اسان جيڪي ڪم ڪندا رهندا آهيون دلي طور پاڻ به ان مان مطمئن ناهيون هوندا يعني اهو ڪم اسان جي چونڊ هوندو ئي ناهي، اهڙن ڳالهين بابت جيڪي مون پنهنجي سري، سڄاڻ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري معلوم ڪيو آ ته اڪثريت سان اسان وٽ ننڍن توڙي وڏن عام توڙي خاص ڪمن ۾ ناڪامي جي وجهه پڻ چونڊ کي چاهت نه بڻائڻ آهي.

اهڙن کوڙ سارن ماڻهن کي ناڪام ٿيندي مون ڏٺو آهي جيڪي پهريان بي انتها خوشي منجهان چونڊ ڪري زندگي جي ڪمن جي شروعات ڪندا آهن جن جي هو وڏي واڪي ساراه به ڪندا آهن پر وري ٿوري عرصي ۾ ئي هنن جي جدوجهد جو پورو وايومنڊل مٽجي تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهي ماڻهو وري ساڳين ڪمن جي پچار منفي حالت ۾ ڪندا رهندا آهن، هڪ تمام وڏي اداري جي مالڪ جو هي جملو جيڪو هن پنهنجي ڪاميابي بعد سيمينار ۾ ڳالهايو هو ته “مسلسل جدجهد ڪاميابي جي ضامن آهي”.

پنهنجي سنڌ ۾ جاکوڙي ماڻهن جي ڪائي کوٽ ڪونهي وڏا ماهان ماڻهو اڄ به موجود آهن جيڪي پاڻ لاءِ قوم لاءِ توڙي سنڌ ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪندي ملن ٿا جن جدجهد ۾ وڏا نالا به ڪمايا آهن، پر سدائين جيان صحيح وقت تي صحيح چونڊ نه ڪرڻ جي ڪري اڄ اهي ماڻهو پنهنجي منزل تائين پهچي ته ناهن سگهيا، پر سڌي واٽ تي بيهي به ناهن سگهيا، اڪثريت سان ذاتي ڪمن ڪارين جي حساب سان به اسان وٽ چونڊ ڪري انهن تي عمل پيرا لهڻ جي به وڏي کوٽ آهي، ڪافي ماڻهو جن پنهنجي ذاتي زندگي جي ڪمن جي صحيح چونڊ ڪئي ته اهي ترقي جي اڳين سف ۾ شامل آهن، جيڪي اڄ مثال بڻيل آهن.

ترقي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، ۽ ضروري ناهي ته ان ترقي جي راهه تي هلڻ لاءِ هر ماڻهو وڏي حام هڻي پنهنجي وت وس کان وڏن ڪمن جي شروعات ڪري ۽ پوءِ انهي تي پورو به نه لهي سگهي، يا هلندي هلندي راهن ۾ ٿڪجي منهن مٽي ڪنڊائتا ٿي ويهي رهندا آهن، تنهن ڪري پنهنجي ننڍن ننڍن ڪمن کي بهتر ڪري اسان زندگي جا وڏا وڏا انعام ماڻي سگهون ٿا، هر ماڻهو ٻئي جي مٿان آڱر کڻڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ترقي جا مناظر سهڻي طريقي سان طئي  ٿي سگهن ٿا.

وقت سوچڻ ويچارڻ ۽ صحيح قدم کڻڻ جو آهي بجاءِ جو اسين اهو ڪنهن جي بدي ڪرڻ ۾ گزاريون، يا جتي حالات تبديل ٿيندي نظر نه اچن ۽ انهن ڪمن ۾ گزاري ڇڏيون پوءِ بهتر ته اهو آهي ته پاڻ ڪجھ سٺا قدم کڻي وٺون جيڪي اسان کي ترقي جي راهن ڏانهن موڙي وٺي وڃن، مان به ڪافي عرصو صرف سوچڻ ويچارڻ ۾ ئي گزاريندو هيم ۽ مون پنهنجي زندگي گزارڻ جي طرزعمل کي ٿورڙو بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، حالانڪه سوچ پهريان به مليل هئي، لکندو پهريان به هيم پر صرف ڳالهين ڪرڻ تائين محدود ٿي رهيم ، عملي ڪم ڪرڻ جي وڏي کوٽ محسوس ٿيم. جيئن ليکڪ وٽ لفظ نه هجن ته لکڻي ۾ اهو مزو چاهه ناهي هوندو ائين ئي اگر پنهنجي ڪيل ڳالهين يا سٺين هداستن تي عمل نه هجي ته زندگي جا ڪم اڻپورا پڻ رهجي وڃن ٿا.

شعور جڏهن اک کولي هئي ۽ مون اخبار پڙهڻ شروع ڪئي اڳ ۾ بابا سائين ڳوٺ اخبار آڻيندو هيو سا به ٻن ٽن ڏينهن بعد، پر جڏهن کان مون هڪ ڪالم نگار ارم درس جا ڪالم پڙهڻ شروع ڪيا، ته پوءِ روزانا اخبار پڙهڻ شروع ڪئي ليکڪا جو هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن ڪالم ڇپجندو هيو، پر پورو هفتو انتظار رهندو هيو، سندس جي لکت جي ۾ جاءِ وٺي وئي هئي حقيقت تي مبني ڳالهيون هونديون هيون، پڙهندو رهيم، پر اوچتو محترمه ارم درس جا مضمون اخبارن جي اسڪرين تان غائب ٿي ويا ، ۽ پوءِ مان کيس استاد مڃي لکڻ شروع ڪيو،  سندس ڏانهن خط به لکيا پر جواب نه آيو، پر مان اها سوچ رکي لکڻ شروع ڪيو ته جتي مون جهڙي ٻهراڙي جي ڇوڪري تي هي ڳالهيون ايترو سارو مثبت اثر وجهي سگهن ٿيون، اگر مان به لکڻ شروع ڪيان ته ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو تائين ڪڏهن منهنجي قلم مان نڪتل ڪا سٺي ڳالهه پهچي ڪري سندس لاءِ ذري برا بر به فائديمند بڻجي پئي ته منهنجي جدوجهد سمجهندم ته ڪاميابي طرف وڃي پئي، سو اهو شعور اجاگر ڪجي ۽ ڪوشش ڪجي ته عمل ڪري اڳتي وڌجي، حقيقت اها آهي ته منهنجي ڳوٺ مان نڪري اسلام آباد ۾ پهچڻ ۽ اتي والدين لاءِ پورهئي طور جدوجهد ڪرڻ ۾ به ڪافي اخباري ليکڪن خاص ڪري ارم درس جي مضمونن جو وڏو ڪردار آهي، اڄ مون به اسلام آباد وڃڻ کانپوءِ پوري سال بعد ان نيت سان مضمون لکيو آهي ته جيئن اسان پنهنجو پاڻ کي ٿورو به ٺيڪ ڪري جدوجهد ڪيون چونڊ کي چاهت بڻايون ته ترقي جا ڪافي آسان رستا ملي سگهن ٿا .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں