سام سنگ سڀ کان سستي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

0Shares

سيئول (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجي سڀ کان سستي سمارٽ فون گليڪسي جي 2 ڪور متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا ان ڏکڻ ڪورين ڪمپني جي گوگل جي اينڊرائيڊ گو پروگرام جي پهرين ڊوائس آهي. اينڊرائيڊ گو پروگرام ۾ اهڙا فونز شامل ڪيا ويندا آهن، جن ۾ نئين آپريٽنگ سسٽم جو لائيٽ ورزن ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته گوگل ايپس به لائيٽ ورزن جون هونديون آهن پر سام سنگ جي هيءَ نئين فون اينڊرائيڊ اوريو 8.1 سان گڏ هوندي ۽ في الحال اينڊرائيڊ پائي جو روزن نه پيو ڏنو وڃي، سام سنگ ان ۾ پنهنجي يو آءِ کي به آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻايو آهي. ان فون ۾ 5 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ايڪسينوس 7570 پراسيسر، 2600 ايم اي ايڇ بيٽري، هڪ جي بي ريم ۽ 8 جي بي اسٽوريج هوندي، جنهن ۾ ميموري ڪارڊ سان اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان جي بيڪ تي 8 ميگا پڪسل ڪئميرا ايل اي ڊي فليش سان گڏ ڏني وئي آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪئميرا آهن. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب گليڪسي جي 2 ڪور هڪ مڪمل سمارٽ فون جو تجربو فراهم ڪندي ۽ ان ۾ ڪجهه اهم فيچرز آهن، جيڪي هاءِ اينڊ ڊوائسز جو حصو هوندا آهن، خاص طور اها پهريون ڀيرو سمارٽ فون وٺندڙن لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندي. ان فون کي سڀ کان پهريان ڀارت ۽ ملائيشيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، پوءِ ٻين مارڪيٽن ۾ به دستياب هوندي. ان جي قيمت 100 ڊالرن کان گهٽ مطلب پاڪستان ۾ اها 10 کان 12 هزار رپين تائين وڪري لاءِ پيش ٿي سگهي ٿي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں