عورتن کي جنسي حملن کان بچائڻ لاءِ سمارٽ فون ڪيس متعارف

دنيا ۾ هر هنڌ عورتن تي جنسي حملا عام ٿي ويا آهن ۽ اهڙا واقعا انهن عورتن سان گهڻا پيش ايندا آهن، جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري اڪيلي سِر سفر ڪنديون آهن پر هاڻ انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته سمارٽ فون جو هڪ اهڙو ڪور بڻايو ويو آهي، جيڪو عورتن کي انهن حملن کان تحفظ ڏئي سگهندو. اهو ڪيس هر وقت ڪنهن به عام ڪيس جيان سمارٽ فون کي محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ عورتن جي حفاظت لاءِ پڻ ڪم ايندو. ڪنهن به واقعي يا حملي جي صورت ۾ رڳو هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ان ڪيس مان ٻه چُهنبدار پِنون نڪري اينديون، جيڪي ڪرنٽ پيدا ڪنديون. اهي چُهنبدار پِنون حملو ڪندڙ جي جسم تي ڪٿي به لڳايون وڃن ته اهو بوکلاهٽ جو شڪار ٿي توهان کي ڇڏي ڏيندو، جنهن کانپوءِ توهان سولائيءَ سان ڪنهن محفوظ هنڌ وڃي سگهو ٿا. ان ڪيس کي به بجلي سان ريچارج ڪرڻ جي ضرورت هوندي پر ان جي بيٽري ۾ اضافي طاقت موجود آهي، جيڪو ڪيترائي ڏينهن هلي سگهي ٿي.27

اپنا تبصرہ بھیجیں