فيسبڪ يوٽيوب سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار” ويڊيو واچ“ سروس پيش

0Shares

ڪيلفورينا(ويب ڊيسڪ) فيسبڪ سڄي دنيا ۾ ”فيسبڪ واچ“ نالي سان ويڊيو سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ذريعي ويڊيو آن ڊيمانڊ جي طرز تي ٽي وي شوز ۽ ٻيون ويڊيوز ڏسي سگهن ٿيون. گوگل جي يوٽيوب پليٽ فارم وانگر هاڻ فيسبڪ پڻ ”فيسبڪ واچ“ جي نالي ويڊيو سروس پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن کي  هڪ سال تائين تجرباتي طور تي آمريڪا ۾ هلايو ويو ۽ هاڻ سڄي دنيا جا ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ فيسبڪ ايپ ۾ هيٺان کان هڪ ”پلي“ بٽڻ جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کي توهان اڄ ئي ڏسي سگهندا.فيسبڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته ويڊيو آن ڊيمانڊ سروس اڄ سڄي دنيا ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. ان کي يوٽيوب جي متبادل طور تيار ڪيو ويو آهي. فيسبڪ(ان سروس جي ذريعي) سڄي دنيا ۾ ويڊيو سازن ۽ پبليشرن جي ٻن طريقن سان مدد ڪرڻ چاهي ٿو: اول ته هو ان طريقي سان ڪجهه پيسا جوڙي سگهن ۽ ٻيو اهو ڏسي سگهن ته سندن ويڊيوز ڪيتري حد تائين فائديمند آهن، فيسبڪ جي طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ريڊ ٽيبل ٽاڪ ۽ حسن جي صنعت سان سالهاڙيل هوڊا ڪيٽان جو هوڊا بوس شو ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته راندين جي مقابلن ۾ پي جي اي ٽور ۽ ميجر ليگ بيس بال جي ميچون ڻ شامل آهن. فيسبڪ موجب سندس پنج ڪروڙ واهپيدار مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ تائين انهن کي ضرور ڏٺو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ ڪرسچيانو رونالڊو ۽ ڪيٿرين زيٽا جونز جا پروگرام پڻ ان سروس ذريعي دستياب هوندا. فيسبڪ جي وچ ۾ اشتهارن جي ذريعي معاوضو ڪمائيندي جنهن جو هڪ حصو ويڊيو ٺاهيندڙ ادارن کي پڻ ڏنو ويندو. فيسبڪ ويڊيو چينلن لاءِ پسو ڪمائڻ وارين شرطن ۾ تمام گهڻي نرمي ڪندي چيو آهي ته ان لاءِ رڳو ضروري 10 هزار فالور هجن يا وري هڪ مهيني ۾ 30 هزار ڀيرا ڪنهن به گهٽ ۾ گهٽ سندس هڪ ويڊيو ڏٺي هجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں