مڪي شريف ۾ حج پانڌيئڙن کان ڦر ڪندڙ 5 رڪني نائيجرين گروپ گرفتار

0Shares

مڪو شريف)ويب ڊيسڪ( مڪي شريف ۾ الجياد پوليس حرم شريف جي پسگردائي ۾ حج پانڌيئڙن کان انهن جو سامان ڦر ڪندڙ نائيجرين گروپ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گروپ پنجن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪو عير قانوني طور تي سعودي ۾ رهي رهيو هو. رپورٽن موجب اجياد پوليس اسٽيشن تي ڪجهه ماڻهن پرس چوري ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي جن ۾ موبائل فون ۽ روڪ رقم هئي. پوليس شڪايت داخل ڪندڙن کان تفصيلي معلومات حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڪارروائي ڪري حرم شريف جي پسگردائي مان نائيجيرين گروپ کي گرفتار ڪيو جيڪو انهن وارداتن ۾ ملوث هو. گروپ جي تلاشي وٺڻ تي ان جي قبضي مان 79 هزار ريال کان وڌيڪ رقم ۽ مختلف ملڪن جون ڪرنسيون پڻ مليون، جڏهن ته گروپ جي اڏي تان موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ مليو آهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں