نئين تعليمي سال جي شروعات، 13 لک فلسطيني شاگرد اسڪول روانو

0Shares

غزه )ويب ڊيسڪ(بدترين معاشي حالتن کي مُنهن ڏيندڙ لکين فلسطيني شاگردن جي تعليمي سال 19-2018ع جي شروعات ٿي وئي آهي. فلسطين جي تعليم واري کاتي موجب ملڪ جي 3030 تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرد ۽ شاگردياڻين تدريسي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. فلسطين جي اطلاعن واري مرڪز موجب فلسطين خاص طور تي غزه واري پٽي جي عوام کي اسرائيل ۽ فلسطيني اٿارٽي جي پابندين سبب بدترين معاشي ڏُکيائين کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، ان باوجود لکين فلسطيني شاگرد ۽ شاگرديانيون اسڪول ويا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں