الڪحل: تحقيق…

0Shares

الڪحل جي معمولي مقدار به سر کڻڻ لاءِ ڪافي آهي: تحقيق

 لنڊن(ويب ڊيسڪ) الڪحل يا شراب خطرناڪ ته آهي ئي پر هاڻ سائنسدانن خبر ڪيو آهي ته الڪحل جي معمولي مقدرا به انساني صحت جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ سِر کڻندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. مشهور طبي رسالي ” دي لينسٽ“ ۾ شايع ٿيل هڪ تازي جاچ مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته الڪحل جي معمولي مقدار ۾ به انساني صحت کي مارڻ جو مڪمل سامان موجود آهي، ان ڪري صحتمند زندگي جي لاءِ الڪحل کي مڪمل طور تي ترڪ ڪرڻو پوندو. جاچ ڪندڙن جو اِهو به چوڻ آهي ته الڪحل جي معمولي مقدار پيئڻ سان دل جي دوري جا امڪان وڌي ويندا آهن پر ڪينسر ۽ ٻين بيمارين ۾ به متبلا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن، ان ڪري الڪحل مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي. سائسندانن اهو نتيجو 1990 کان 2016 دوران 195 ملڪن ۾ انساني صحت تي الڪحل جي اثرن بابت ڪيل 592 طبي مطالعن مان حاصل ٿيل انگن اکرن جو باريڪي سان تجزيو ڪرڻ بعد ڪڍيو. انهن مطالعن ۾ گڏيل طور تي 2 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شريڪ هئا جنهن جون عمرون 15 کان 95 سالن جي وچ ۾ هيون. ان کان سواءِ الڪحل جي استعمال بابت وڌيڪ 694 مطالعن جي ڊيٽا به ان جاچ ۾ شامل ڪئي وئي. مختلف مقدارن ۾ الڪحل استعمال ڪرڻ  (يعنيٰ شراب نوش) ماڻهن جي عمومي صحت ۽ انهن ۾ موجود بيمارين جي ڀيٽ انهن ماڻهن سان ڪئي وئي جيڪي شراب نوش نه هئا ۽ جن سڄي ڄمار ۾ ڪڏهن به شراب نه واپرايو نه هو. جاچ مان ثابت ٿيو ته روزاني جي بنياد تي انتهائي گهٽ مقدار ۾ به شراب پيئڻ وارن ماڻهن  ۾ ڪينسر سميت ٻين بيمارين ۾ متبلا هئا جڏهن ته شراب جي وڌيڪ مقدار وٺندڙ وارا ۽ نهايت گهٽ مقدار وٺڻ وارن ٻنهي جي صحت ۾ هڪ جهڙا مسئلا هئا. البت شراب نه پيئڻ وارا انهن بيمارين کان محفوظ هئا. ان جاچ ۾ اڳوڻي جاچ کي رد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته سڄي ڏينهن ۾ شراب جو هڪ گلاس پيئڻ وارن ماڻهن جي تحت مثالي هوندي آهي ۽ هو ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رهندا آهن.

0Shares
کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں