ٿيليسيميا ۾ متبلا…

0Shares

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيليسيميا ۾ متبلا ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. متاثر ٻارڙي جي عمر رڳو 5 سال هئي. موجب ٿيليسيميا ۾ متبلا 5 سالن جي ٻارڙي جو پاڪستان ۾ پهريون ڪامياب آپريشن ٿي ويو. ڊاڪٽر معاذ ٻارڙي جي پيٽ مان پِتو حصو ڪڍي ڇڏيو. 5 سالن جي ٻارڙي ايمن جو تعلق پنجاب صوبي جي شهر وهاڙي سان آهي، ٻارڙي پيدائشي طور تي ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ هن کي هفتي ۾ 5 کان 4 ڀيرا رت تبديل ڪرائڻو پوندو هو.  ڊاڪٽرن موجب پِتو 80 سيڪڙو وڌي چڪو هو پر هاڻ ڪامياب آپريشن بعد ٻارڙي کي هن هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو رت تبديل ڪرائڻو پوندو. ٻارڙي جو ڪامياب آپريشن ڪيمري جي ذريعي ڪيو ويو. اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن پاڪستان ۾ ايتري گهٽ عمر جي ٻارڙي جو پِتو ڪڍيو ويو آهي.

0Shares
کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں