واپڊا چيئرمين جو تڪراري ڪالاباغ ڊيم جو ٻيهر رينگٽ، پاڻي کوٽ تي گهرو ويڙهه ٿيندي: مزمل حسين

0Shares

لاهور (بيورو) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پختي سياسي عزم سان گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي ته 10 کان 15 سالن کان پوءِ گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿيندي پاڪستان ۾ ڊيمن جي مخالف لابي سرگرم آهي جيڪا ڊونر ادارن تي به اثرانداز ٿئي ٿي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا سمورا ڊيم اڻٽر آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جي عنوان سان رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو واپڊا جي چيئرمين مزمل حسين چيو ته واپڊا وٽ آبي ۽ توانائي پراجيڪٽس مڪمل ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ صلاحيت آهي پلاننگ ڪميشن سياسي مقصدن جي پراجيڪٽ جي منظوري ڏي ٿو پلاننگ ڪميشن پنهنجي صلاهيت کان وڌيڪ پراجيڪٽس تي ڪم ڪري ٿو جيڪي ڪيترن ئي سالن کان پيا هوندا آهن ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر ريجنل چيئرمين چوڌري عرفان يوسف چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا آڏو آهن مختلف ريسرچز مطابق 2025 تائين پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندو تبديل ٿيندڙ موسم پاڻي جو اجايو استعمال پاڻي کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي قابل بنائڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جي کوٽ ۽ ڊيم نه ٺهڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں