پاڪستان کي اندروني ۽ پرڏيهي چئلنج سامهون آهن، پاڪ فوج کي سمورا وسيلا فراهم ڪنداسين: وزيراعظم

راولپنڊي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  ملاقات مختلف معاملن تي بريفنگ دوران دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، اطلاعات وارو وزير ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير به عمران خان سان گڏ هئا.  آءِ ايس پي آر موجب، وزيراعظم کي دفاع، سلامتي ۽ پيشيواراڻن معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده ۽ نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون هيون.وزيراعظم جي جي ايڇ ڪيو ۾ عسڪري قيادت سان 8 ڪلاڪ ملاقات  ڪئي مختلف صورتحال تي بريفنگ ۽ فوج کي تمام سهوليتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالي بعد پهريون ڀيرو جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ان موقعي تي آرمي چيف وزيراعظم کي فوجي آفيسرن  سان تعارف ڪرايو بعد آرمي چيف سان گڏ يادگار شهيداءِ  تي گل چاڙهي دعا ڪئي  آءِ ايس پي آر جي مطابق وزيراعظم کي  جي ايڇ ڪيو  ۾ اندرون ۽ بيروني سيڪيورٽي جي صورحال  پاڪ فوج کي دهشتگردي خلاف جاري ڪارروائين، آپريشن ردالفساد، ڪراچي جي صورتحال ۽ خوشحال بلوچستان پروگرام جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي،  ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪستاني فوج  جي آپريشنل تياريون، پيشيورانه مهارت ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج جي قربانيون جي تعريف ڪئي ۽ اندروني ۽ پرڏيهي چئلنيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سوچ ۽ قوم جي حمايت سان ئي چئلينجن تي ڪاميابي حاصل  ٿيندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ترقي پاڪستان جو مقدر آهي ملڪ بين الاقوامي دنيا ۾ انشاءَ الله مثبت انداز سان ڪاميابي ٿينداسين وزيراعظم اعلان ڪيو پاڪستان آرمي جي صلاحيتن ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ حڪومت تمام ذريعا فراهم ڪندي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  وزيراعظم عمران خان جي دوري سان فوج تي اعتماد ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪيو چيو ته انشاءَ الله پاڪ فوج قوم جي توقعات تي پوري لهندي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان آرمي چيف ڪجهه ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو خطي ۾ امن جي ڪوششون کي جاري رکيو ويندو. آرمي چيف وزيراعظم دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز تي بريفنگ ڏني. عمران خان چيو ته دهشتگردي کي ختم لاءِ پاڪ فوج وڏيون قربانيون ڏنيون هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں