پاڪ-ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ٻئي ملڪ پنهنجي موقف تي قائم

لاهور (بيورو) پاڪستان ۽ ڀارت جي واٽر ڪميشن جي ڳالهين ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ ڳالهين ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.  پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميسن  ڳالهيون جاري رهيون. ڀارت پاڪستان جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي وفد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آبي ذخيرا نه هئڻ سبب پاڻي جو مقدار سمنڊ ۾ ڪري ٿو، ڀات ۾ به موسمي تبديلي سبب پاڻي جي کوٽ آهي. پاڪستان چناب درياءَ تي پڪل ڊل ۽ لوئير ڪلنائي منصوبي تي اعترض ڪيو آهي. پاڪستاني وفد چيو ته پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي پاور پراجيڪٽ سنڌ طاس ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي.  ڀارتي وفد چيو ته تربيلا ۽ منگلا کانپوءِ  پاڪستان ڪو به  وڏو ڊيم نه ٺاهي سگهيو آهي، پاڪستان پنهنجو پاڻ ذخيرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں