اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اورنج لائن ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اورنج لائن تي غير معياري ڪم ٿيو آهي ۽ رٿا وقت تي مڪمل نه ٿي آهي، پروجيڪتبابت عدالت جي جوڙيل ڪميٽي سان به سهڪار نه ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته دير جا ڪهڙا سبب آهن ۽ پهرين ٽرين ڪڏهن هلندي. پروجيڪٽ جي سربراهه سبطين علي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پهرين ٽرين ايندڙ سال 30 جولاءِ تي هلندي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اورنج لائن منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايم ڊي پراجيڪٽ سبطين فيصل چيو ته ايڪنڪ جي منظوري بعد ايل ڊي اي کي رقم ملڻي آهي، منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته سول ورڪ جا ڪيترا پيسا رهيل آهن، جنهن تي سبطين فيصل چيو ته 53 ڏهائي 168 ملين ڊالر سول ورڪ جا رهيل آهن، جڏهن ته 27 ملين ڊالر اڃا رهن ٿا، جنهن جي ڪجهه ادائيگي ٿي چڪي آهي. سبطين فيصل چيو مجموعي طور 6 ملين رهتون آهن، منصوبي ۾ هن وقت تائين ڪا خاص تبديلي نه ڪئي وئي آهي. سبطين فيصل چيو ته 27 ڪلو ميٽر ڊگهو ٽريڪ آهي ۽ 26 اسٽيشن آهن، منصوبي لاءِ وڌيڪ رقم گهرجي، چيف جسٽس چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي گهرائي ٿا وٺون، جنهن تي سبطين فيصل چيو ته وڏي وزير کي گهرائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. اسان گڏجي ويهي معاملو طئي ڪري ڇڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته سمورا حصيدار پاڻ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ گڏجاڻي ڪن ۽ عدالت کي آگاهه ڪن ته جيئن حڪم جاري ڪيون. چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ ٻِيا ذميوار عدالت ۾ پيش ٿين، جنهن تي ايم ڊي ميٽرو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سبطين فيصل چيو ته انهن کي به گهرائڻ جي ضورت نه آهي. چيف جسٽس پهريون اجلاس ته اوهان کي سپريم ڪورٽ ۾ ويهي ئي ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اورنج لائن تي غير معياري ڪم ٿيو آهي ۽ رٿا وقت تي مڪمل نه ٿي آهي، پروجيڪت بابت عدالت جي جوڙيل ڪميٽي سان به سهڪار نه ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته، ٻڌايو وڃي ته دير جا ڪهڙا سبب آهن ۽ پهرين ٽرين ڪڏهن هلندي. جنهن تي پروجيڪٽ جي سربراهه سبطين علي ٻڌايو ته ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پهرين ٽرين ايندڙ سال 30 جولاءِ تي هلندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟