ايشوريا جو سنجي ليليٰ بنسالي سان ڪم ڪرڻ کان انڪار

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ايشوريا راءِ پنهنجي مڙس اڀيشڪ بچن جي ڪري هدايتڪار سنجي ليليٰ بنسالي جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو رپورٽس موجب ايشوريا راءِ بهترين زال هجڻ جو ثبوت ڏيندي سنجي ليليٰ بنسالي جي فلم بدران پنهنجي مڙس سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کي اهميت ڏني. ايشوريا راءِ ان وقت پريشان ٿي جڏهن ان آڏو سنجي ليليٰ بنسالي ۽ اڀيشڪ بچن جي فلم جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻي پئي پر هن ٻنهي فلمن جي تاريخ هڪ هئڻ جي ڪري هدايتڪار انوراگ ڪاشياب جي فلم گلاب جامن ۾ اڀبيشڪ سان ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن فلم ۾ ايشوريا ۽ اڀيشڪ 8 سالن کان پوءِ گڏ نظر ايندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں