پريانڪا چوپڙا جو بالي ووڊ فلم سائن ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بولي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ڀلي ئي سلمان خان جي فلم ‘ڀارت’ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ورتو هو جڏهن ته هو هڪ ٻي بولي ووڊ فلم کي سائن ڪرڻ جو ارادو ڪري رهي آهي پريانڪا چوپڙا جو سلمان خان جي فلم ‘ڀارت’ ۾ سائن ڪيو ويو هو جڏهن ته اداڪاره فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ورتو هو. جنهن کان پوءِ ڪترينه ڪيف کي ان جي جڳهه تي ڪاسٽ ڪيو ويو. هن وقت ائين محسوس ٿيو ته پريانڪا پنهنجي هالي ووڊ پروجيڪٽس ۾ ڪافي مصروف آهي. جڏهن ته هاڻي خبرون آهن ته هو نامور هدايتڪار ۽ پروڊيسر ويشال ڀردواج جي فلم سائن ڪرڻ وڃي رهي آهي. ويشال بردواج هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو ان وقت پريانڪا چوپڙا سان پنهنجي اڳين فلم جي سلسلي ۾ رابطي ۾ آهي ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا ويشال ڀرواج جي ٻن ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ان ۾ 2009 جي فلم ‘ڪميني’ ۽ 2011 جي فلم 7 خون معاف شامل آهي. هي ٻئي فلمون ٿرلر فلمون هيون جڏهن ته هن ڀيري پريانڪا کي ماضي جي فلمن کان هٽي ڪري لکيل اسڪرپٽ جي فلم آفر ڪري رهيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں