ايشين گيمز: هاڪي جي سيمي فائينل ۾ پاڪستان کي جاپان ۽ ڀارت کي ملائيشيا هٿان شڪست

0Shares

جڪارتا(اسپورٽس نيوز) انڊونيشيا ۾ جاري ايشين گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هاڪي ۾ گولڊميڊل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون. ٻئي ايونٽ جون واحد ٽيمون هيون جيڪي هيستائين ناقابل شڪست رهيون. ڪالهه پاڪستنا کي جاپان ۽ ڀارت کي انڊونيشنيا هٿان شڪست ٿي. هاڪي جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ ملائيشيا جي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو ۽ ان جو فيصلو پنلٽي شوٽس تي ملائيشيا جي حق ۾ 7-6 تي ٿيو. ڀارت سيمي فائينل ۾ پنهنجي ڪاميابي جو سلسلو برقرار نه رکي سگهي ۽ ميچ هارائي وئي. ٻئي طرف ٽُرنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستاني ٽيم سيمي فائينل ۾ مايوس ڪن راند پيش ڪئي. قومي ٽيم جاپان خلاف پهرين ڪوارٽر ۾ خساري ۾ هلي وئي ۽ ميچ جي اختتام تي اسڪور جاپان جي حق ۾ 0-1 ئي رهيو. پاڪستان جوابي گول جي ڪوشش ڪئي پر جاپان دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. فائنل ۾ جاپان جو مقابلو ملائيشيا جڏهن ته ڪانسي جي ميڊل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں