سائوٿيمپٽن ٽيسٽ: انگلينڊ ڀارت خلاف 246 رنسون ٺاهي پويلين رواني

0Shares

سائوٿيمپٽن(اسپورٽس نيوز) ڀارت خلاف چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جو روٽ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 246 رنسون ٺاهي پويلين رواني ٿي وئي. سيم ڪرم 78، معين علي 40، بين اسٽوڪس 23 ۽ جوس بٽلر 21 رنسون ٺاهي سگهيا. 5 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. جسپرت ڀمرا ۽ ۽ اشانت شرما، محمد شامي ۽ ايشون 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. هاردڪ پانڊيا هڪ شڪار ڪيو. پهرين ڏينهن راند جي اختتام تي ڀارت بنا ڪنهن نقصان جي 19 رنسون ٺاهيون. 227 رنسن جي ٽريل رهجي وئي. شيکر ڌون 3 ۽ ڪي ايل راهول 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں