صدارتي چونڊ : گڏيل اپوزيشن ڊيڊلاڪ جو شڪار، متفقه اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام، نمبر گيم لاءِ جوڙ توڙ

0Shares

اسلام آباد/ڪراچي/ڪوئيٽا (بيورو+ اسٽاف رپورٽر+ م ڊ) صدارتي چونڊ لاءِ اپوزيشن ۾ ڊيڊلاڪ برقرار عرف علوي اعتزازا احسن ۽ فضل الرحمان جا نامزدگي فارم منظور، نمبر گيم لاءِ جوڙ توڙ ۽ رابطا تيز،  گڏيل اپوزيشن متفقه صدارتي اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي پ پ ۽ ن ليگ وچ  ۾ اعتزاز احسن جي نالي تي اختلافن بعد پ پ مولانا فضل الرحمان جي موقف کي به رد ڪري ڇڏيو نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال تائين به گڏيل اپوزيشن جي ٻن اميدوارن مان ڪنهن به هٿ نه کنيو گڏيل اپوزيشن ۾ ڊيڊلاڪ برقرار رهيو. ٻئي طرف صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن پاران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل جاري رهيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن، پي ٽي آءِ جي عارف علوي ۽ گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا صدارتي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ مان جمع ڪرايل 12 اميدوارن مان 4 جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر اعتزاز احسن، ڊاڪٽر عارف علوي، مولانا فضل الرحمان ۽ امير مقام جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن. ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ واري موقعي تي پ پ پ جو اعتزاز احسن ۽ پي ٽي آءِ جو عارف علوي پيش ٿيا، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پاران عبدالغفور حيدري ۽ احسن اقبال پيش ٿيا. ٻئي طرف جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صدارتي چونڊ ۾ حمايت لاءِ فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. مخالف پارٽين جي صدارتي اميدوار فضل الرحمان ف ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي سان ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن ۾ حمايت لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ف ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس اڳيان رکنداسين. ف ليگ سربراهه چيو ته ڪنگري هائوس اسان جي اميدن جو گهر آهي، هتي ان اميد سان آياسين ته دعائون ۽ حمايت ملي. سندس چوڻ هو ته گڏيل اپوزيشن مون کي صدارتي اميدوار بڻايو آهي ۽ هتان مطمئن ٿي وڃي رهيو آهيان. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد ۾ متحدا قيادت سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عامر خان، ڪنور نويد جميل، وسيم اختر ۽ فيصل سبزواري شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير مير ڄام ڪمال عالياڻي پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار ڊاڪتر عارف علوي جي پنهنجي پارٽي پاران مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو اهي ۽ چيو ته منهنجي پارٽي صدارتي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي کي ووٽ ڏيندي هن اها ڳالهه اربع تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي ان موقعي تي پرويز خٽڪ، سينيٽر احمد خان خلجي، صوبائي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي پارٽي جا صوبائي اڳواڻ به موجود هئا بلوچستان جي وڏي وزير مير ڄام ڪمال عالياڻي چيو ته تحريڪ انصاف سان اسان سٺو ماحول ۾ حڪومت سازي جو مرحلو شروع ڪيو هو مرڪز ۾ اسان جي پارٽي تحريڪ انصاف کي سپورٽ ڪيو ۽ صوبي ۾ تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي کي سپورٽ ڪيو اسان ان جا ٿورائتا آهيون بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان هڪ پٺتي پيل صوبو آهي هاڻي حالتون تبديل ٿي ويون آهن صرف واعدن سان ڪم نه هلندو اسان اهو چئون ته حالتون تبديل ٿي وينديون انهيءَ پئڪيج جي ذريعي بلوچستان ۾ حالتون تبديل ڪيون وينديون ايئن نه ٿيندو عملي طور تي اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي پوندي انشاءالله اسان کي اميد آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي صدر چونڊجڻ کان پوءِ بلوچستان جي بدحالي ختم ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪندو. ٻئي طرف  تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال عالياڻي جو ذاتي طور تي ۽ پارٽي پاران ٿورائتو آهيان هن منهنجي حمايت جو اعلان ڪيو آهي انشاءالله انهن جي ووٽن سان ڪامياب ٿي بلوچستان جي زخمن تي مرحم رکڻ جي ڪوشش ڪندس. اسان جي پارٽي جي چيئرمين عمران خان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي هر حال ۾ پورا ڪنداسين ڇو ته هتان جي وسيلن تي هاني بلوچستان جي عوام جو حق آهي هن اها ڳالهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير ڄام ڪمال ۽ ٻين جماعتن جي اتحادين سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته هن وقت مان صدارتي اميداور جي حيثيت سان اهو چوندس ته اسان جي پارٽي جي چيئرمين ۽ پارٽي بلوچستان بابت جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪيا ويندا صدر چوندجڻ کان پوءِ مان ڪوئي سياسي بيان نه ڏيئي سگهندس صرف اهو چوندس ته حڪومت کي واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.  عارف علوي چيو ته اسان کي پڪ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جيڪي واعدا ڪيا اهي هر حال ۾ پورا ڪنداسين هن چيو ته اسان وٽ مرڪز ۾ ۽ پنجاب ۾ اڪثريت هئي اسان اتي حڪومت ٺاهي بلوچستان ۾ بلوچستان عوامي پارٽي کي اڪثريت حاصل هئي پهريان ان کي حڪومت ٺاهڻ جو حق حاصل آهي پي ٽي آءِ بلوچستان عوامي پارٽي پاڻ ۾ اتحادي آهن ۽ ڪنهن قسم جو ڪوبه اختلاف نه آهي پنجاب جي وڏي وزير جي هيليڪاپٽر جي استعمال بابت پڇنداسين ان بابت جواب اهو ئي ڏيئي سگهي ٿو هن چيو ته جلد ئي اوهان کي سٺيون خبرون ملنديون ان کان اڳ جهانگير ترين چيو ته اسان کي صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل هوندي اسان جي گيم نمبر پورا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ان جي باوجود به اسان پنهنجن اتحادي ۽ بين سياسي جماعتن سان رابطن جو سلسلو شروع ڪيو اهو جاري رکنداسين بلوچستان ۾ به اسان جي پارٽي سان بلوچستان عوامي پارتي جو اتحاد ۽ هي اتحاد قائم ۽ مضبوط آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں