اين آر او ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ پرويز مشرف جي 10 سالن جي اثاثن ۽ اڪائونٽن جا تفصيل طلب

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جي 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل ۽ ملڪ سميت پرڏيهي ملڪن جي اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ موجود اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا. ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل موقف ڄاڻايو ته هو عدالت کان ڪجهه نه لڪائيندا. چيف جسٽس آصف زرداري جو حلفي بيان ليڪ ٿيڻ تي پنهنجي عملي کي طلب ڪري ورتو. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري 9 سال جيل ۾ رهيو پر ڪجهه ثابت نه ٿيو ۽ سمورن ڪيس مان باعزت بري ٿيو. چيف جسٽس چيو ته في الحال رڳو الزامن جو جواب وٺي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪو الزام غلط ٿيو ته آصف زرداري ڪليئر ٿي ويندو، اسان سياسي اڳواڻن مٿان لڳايل الزام ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، عوام کي پنهنجي ليڊرن تي بداعتمادي نه ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جي 10 سالن جي اثاثن جا تفصيل ۽ ملڪ سميت پرڏيهي ملڪن جي اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.  اسلام آباد: اربع 29 آگسٽ 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار اين آر او ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته ڇا پرويز مشرف رڳو پگهار مان دبئي ۾ فليٽ ڪري سگهي پيو. چيف جسٽس چيو ته اڳوڻو آرمي چيف 10 ڏينهن اندر پنهنجي گهر واري جي اثاثن جا به تفصيل ڏئي. پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته مشرف وٽ دبئي ۾ فليٽ آهي، هڪ اڪائونٽ ۾ 92 هزار درهم پيل آهن، ان وٽ جيپ ۽ مرسڊيز سميت 3 گاڏيون آهن. چيف جسٽس چيو ته مشرف کي ٻڌو آهي ته سعودي عرب مان تحفا ملندا آهن، ڇا مشرف سڄي زندگي جي پگهار مان به فليٽ خريد ڪري سگهي پيو؟ کيس چئو ته عدالت اچي پاڻ وضاحت ڪري. وڪيل چيو ته مشرف جا پرڏيهي اثاثا صدارت ڇڏڻ کانپوءِ جا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا ليڪچر ڏيڻ سان ايترا پئسا ملندا آهن؟ ڇونه مان به رٽائرمينٽ کانپوءِ ليڪچر ڏيان، چڪ شهزاد فارم هائوس ڪنهن جو آهي؟ وڪيل چيو ته چڪ شهزاد فارم هائوس به پرويز مشرف جو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں