انٽرپول پرويز مشرف جي گرفتاري واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سنگين غداري ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پرويز مشرف جي عدم گرفتاري بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽرپول اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏيآهي. اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ سنگين غداري ڪيس جي 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود کيس گرفتار نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو هو. اسلام آباد جي خاص عدالت جي سربراهه جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نظر محمد اڄ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پرويز مشرف کي آڻڻ لاءِ انٽرپول کي درخواست ڪئي هئي پر انٽرپول درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. گهرو سيڪريٽري مطابق انٽرپول عملدارن ٻڌايو ته سندن قانوني دائري ۾ سنگين غداري ڪيس نٿو اچي. گهرو سيڪريٽري جي جواب تي عدالت انٽرپول جو ڏنل جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڪيو، جنهن تي سيڪريٽري چيو ته مان اڄ ئي جواب جمع ڪرائي ٿو ڇڏيان. عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي پرويز مشرف کان اسڪائپ تي بيان وٺڻ يا سندس کانسواءِ ٻڌڻي اڳتي هلائڻ لاءِ دليل ڏنا وڃن، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں