آصف ۽ فريال جو گهيرو تنگ، ايف آءِ اي کي 40 ڪروڙ رقم منتقلي جا ثبوت ملي ويا

ڪراچي (چيف رپورٽر) ايف آءِ اي عملدارن چيو آهي ته هاڻي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيندڙ اڪائونٽس جو تعداد 33 رقم 41 ارب رپيا ٿي ويئي آهي آڏو ايندڙ وڌيڪ 11 اڪائونٽس بابت جاچ ٿي رهي آهي خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب ايف آءِ اي عملدارن ٻڌايو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جعلي ۽ بي نامي اڪائونٽس جو انگ 33 ٿي ويو آهي مني لانڊرنگ ڪيس جي هن وقت تائين رقم 35 مان وڌي 41 ارب ٿي ويئي آهي هي چار اڪائونٽس به سمٽ، يو بي ايل ۽ سنڌ بئنڪ جا آهن جڏهن ته گذريل 29 اڪائونٽ به انهن ئي بئنڪن جا هئا ايف آءِ اي عملدارن مطابق انهن چئن اڪائونٽس ۾ 6 ارب رپين جي رقم آئي ۽ ويئي عملدارن مطابق نوان انڪشاف ٿيل چئن اڪائونٽس مان ڪجهه وڌيڪ اومني گروپ جا آهن آڏو آيل نون 11 اڪائونٽس جي به جاچ جاري آهي هي نوان اڪائونٽس مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران آڏو آيا آهن عملدارن مطابق نهن اڪائونٽس مان زرداري گروپ جي اڪائونٽ ۾ 9 ڪروڙ جي رقم رواني ٿي زرداري گروپ کي 9 ڪروڙ جي روانگي ٻن ڪمپنين جي جعلي يا بي نامي اڪائونٽ مان ٿي پهريان کان درج مني لانڊرنگ جا ڪيس ۽ نئين انڪوائري ۾ زرداري گروپ کي 12 ڪروڙ رپين جي روانگي آڏو آئي آهي ان اڳڀرائي تي عملدارن جو چوڻ آهي ته نوان آڏو ايندڙ اڪائونٽس جي مڪمل جاچ شروع ڪئي ويئي آهي. ايف بي آر کان انهن اڪائونٽس جي مالڪن جو ڊيٽا گهريو ويو آهي ۽ پوءِ انهن کي نوٽيس ڏيئي طلب ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں