سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن جون 5 هزار 307 جايون ڀرڻ ۽ 17 اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ جو حڪم

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صحت کاتي کي ھدايت ڪندي چيو آھي ته ھلندڙ سال جي آخر تائين 13 تعلقي اسپتالن کي ضلعي ھيڊڪوارٽر اسپتال ۾ اپگريڊ ڪرڻ وارو ڪم پورو ڪن ۽ پسماندہ علائقن ۾ خدمت ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ھارڊ ايريا الائونس پڻ ڏنو وڃي. ھن اھو فيصلو وزيراعلي بائوس ۾ صحت کاتي جي ھڪ جائزہ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، چيف سيڪريٽري ميجر(ر) اعظم سليمان، چيئرمين رٿابندي و ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سھيل راجپوت، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر عثمان چاچڙ، ناڻي وارو سيڪريٽري نور عالم ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تہ ھن پنھنجي گذريل دؤر ۾ ھيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ھئي جنھن جا ڪجھ جوڳا نتيجا نڪتا. اسان صحت جي خدمت ۾ بھتري، ڊاڪٽرن جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم کي بھتر بڻائڻ لاءِ پنھنجين ڪاوشن کي جاري رکنداسين. صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي منظور ٿيل انگ 67876 آھي جنھن مان 62569 ڪم ڪن پيا جڏھن ته 5307 ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جون جايون خالي آھن، جنھن جي تفصيل ھن ريت آھي: جنرل ڪيڊرز جي ڊاڪٽرن جو انگ 2929، اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جو انگ 492، ڊينٽسٽ 129،فارماسيٽڪس 10، ڊرگ ايڊمنسٽريشن 9، نرسن جو انگ 210، پيراميڊيڪس 1214 ۽ ايل ايڇ ڊبليوز جو انگ 1295 آھي. وڏي وزير مراد علي شاھ صحت کاتي کي ھدايت ڪئي آھي ته خالي پيل جاين کي ڀريندي تعمير ھيٺ صحت جي سھولتن وارن مرڪز کي فعال بڻايو وڃي. مراد علي شاھ کي ڄاڻ ڏني وئي ته وڏي وزير جي خاص اپائن سبب 17 تعلقي ھيڊڪوارٽر اسپتالن کي ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتالن جي سطح تائين اپگريڊ ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالھيار، ڄامشورو، خيرپور، بدين، شڪارپور، مٺي، ٺٽو، دادو، نوشھروفيروز، ميرپورخاص، سانگھڙ، ميرپورماٿيلو، مٽياري، قمبرـشھدادڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ڪشمور شامل آھن. جنھن تي وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي ھدايت ڪئي ته انھن 17 اسپتالن جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪري ھلندڙ سال جي آخر تائين ايس اين ايز جي منظوري حاصل ڪري ھن چيو تہ آئون انھن کي ھر قيمت تي فعال ڏسڻ چاھيان ٿو. واضح رھي تہ سنڌ ۾ 206 پرائمري طبي سھولتون آھن جنھن مان 138 آر ايڇ سي، 810 بي ايڇ يوز، 883 ڊسپينسريز، 89 ايم سي ايڇ سي، 2 ھوميوپيٿڪ ڊسپينسريون، 8 اربن ھيلٿ سينٽرز، 44 يوناني شفاخانا ۽ 42 ميٽرنٽي ھوم شامل آھن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تہ 2016 طبي سھولتن مان 1032 پي پي ايڇ آئي، 821 صحت کاتي جڏھن تہ 163 پي پي موڊ تحت ھلي رھيا آھن. اجلاس کي ڄاڻ ڏني وئي تہ 109 سيڪنڊري ۽ ٽئين درجي جي ھيلٿ ڪيئر سھولتن مان 95 صحت کاتو جڏھن تہ 14 پي پي پي موڊ تحت آپريٽ ٿي رھيا آھن. ميڊيڪل جي تعليم لاءِ سنڌ وٽ 75 يونيورسٽيون، ڪالج، اسڪول ۽ ادارا آھن جنھن ۾ 5 يونيورسٽون، 8 ڪاليج، 4 ميڊيڪل ڪاليج، 21 نرسنگ. اسڪول، 5 پبلڪ ھيلٿ اسڪول، 16 ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول، 2 نرسنگ ڪاليج، 4 پيراميڊيڪل ادارا، ھڪ فزيوٿراپي اسڪول، 2 ھيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول ۽ 7 اين آئي سي وي ڊي جھڙا ادارا شامل آھن. ان موقعي تي سيڪريٽري صحت عثمان چاچڙ چيو تہ صوبي ۾ 12 پروگرام/پروجيڪٽس صحت واري شعبي ۾ ھلندڙ آھن جنھن ۾ اي پي آئي، ايل ايڇ ڊبليوز پروگرام، ميٽرنل اينڊ چائلڊ نيوناٽل چائلڊ ھيلٿ پروگرام، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام، ھيپاٽائٽس جي روڪٿام ۽ تحفظ، نابيناپن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انھي کان تحفظ، مليريا ڪنٽرول، نيوٽريشن سپورٽ، ايڇ آئي وي/ايڊز ڪنٽرول ۾ واڌ، ڊينگي ڪنٽرول ۽ انھي کان تحفظ، ڊائبيٽيز ڪنٽرول ۽ تيز ۽ فوري ايڪشن شامل آھن. وڏي وزير صحت کاتي کي ھدايت ڪئي تہ انھن پروگرامن جي اڳڀرائي بابت ھفتيوار رپورٽ مونکي پيش ڪئي وڃي. صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽي عذرا پيچوھو پڻ يقين ڏياريو تہ ھو انھن طبي پروگرامن تي ٿيندڙ ڪمن جي پاڻ نگراني ڪندي. اجلاس ۾ اھو بہ ٻڌايو ويو تہ پڇڙي وارن علائقن ۾ ڊاڪٽر خدمت ڪرڻ پاسو ڪن ٿا جنھن تي وڏي وزير صحت کاتي کي ھدايت ڪئي تہ انھن کي ھارڊ ايريا الائونس ڏنو وڃي جھڙي ريت ٿر ۾ ڏنو ويندو آھي. وڏي وزير چيو تہ تعليم جي شعبي کانپوءِ سندس حڪومت صحت جي شعبي کي پھرين ترجيح ڏني آھي. سال 19ـ2018 ۾ 108.8 بلين رپيا خرچ ڪيا ويندا ۽ گذريل مالي سال ۾ 100.3 بلين رپيا رکيا ويا ھئا انھي ڪري نتيجو بہ ڪيل سرمائيداري موجب ھئڻ گھرجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته سندس حڪومت صوبي جي ماڻھن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي لاءِ ڪوشان آھي اھو ئي سبب آھي جو ھنگامي اپاءُ وٺندي سمورن پاڻي جي فراھمي ۽ آر او پلانٽن جي اسڪيمين کي سرگرم ڪيو پيو وڃي. ھن اھا ڳالهه  پاڻي جي فراھمي ۽ نيڪالي سسٽم جي قيام، آپريٽنگ ۽ سارسنڀال لاءِ ذميدار مختلف کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني کاتن وارو صوبائي وزير سعيد غني، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سھيل راجپوت، سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ، سيڪريٽري آبپاشي جمال شاھ، سيڪريٽري پي ايڇ اي سعيد مڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاھ، ڊپٽي ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ھڪ پرزينٽيشن ذريعي ٻڌيو ويو ته 2109 واٽر فلٽريشن پلانٽ آھن جنھن ۾ 1620 آر او پلانٽ ۽ 242 يو ايف پلانٽ آھن، انھن ۾ 1044 فعال جڏھن ته 818 غير فعال آھن. جنھن تي وڏي وزير پي ايڇ اي کاتي کي ھدايت ڪئي ته سمورن غير فعال آر او ۽ يو ايف پلانٽن جي مشينري، اوزارن، ٽي ڊي ايس ويليو پروڊڪٽ واٽر، پي ايڇ ويليو پروڊڪٽ واٽر، فلٽرز، پلانٽن جي گھرج آھر ۽ انساني وسيلن بابت ھڪ مھيني اندر فعال بڻايو وڃي. ھن چيو تہ جتي پلانٽن کي بجلي. پھچائڻ جا مسئلا آھن اتي سج واري توانائي کي ڪم ۾ آندو وڃي. مراد علي شاھ اھو پڻ فيصلو ڪيو ته مسابقتي عمل ذريعي سڀني آر او پلانٽن جي آپريشن ۽ سارسنڀال جو ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي. ھن ناڻي کاتي کي ھدايت ڪئي ته انھي مقصد لاءِ ضروري فنڊز فراھم ڪيا وڃن. ھن چيو تہ آئون چاھيان ٿو چيف سيڪريٽري ضلعي اوورسائيٽ ڪميٽيون نوٽيفائي ڪري جنھن ذريعي پلانٽن جي آپريشن ۽ سارسنڀال جي نگراني ڪري سگھجي. ھن چيو ته نگراني ۽ ايويليوايشن لاءِ ڊيش بورڊ سان گڏ ھڪ اينڊرائينڊ بيسڊ سافٽويئر ايپليڪيشن پڻ ھئڻ گھرجي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڀني آر او پلانٽن، آر او ميٽرز ۽ ايم اينڊ اي لاءِ سينسرز سان گڏ ھڪ مھيني اندر لڳايا وڃن. ڊسٽرڪٽ اوورسائيٽ ڪميٽين جا مقصد ۽ ڪم ھيٺين ريت آھن. سڀني اسڪيمن ۽ پلانٽن جي آپريشن ۽ سارسنڀال جي صحيح نموني نگراني، سڀني اسڪيمن ۽ آر او پلانٽن خاص طور انھن جي آپريشن ۽ سارسنڀال بابت سندس ايم اينڊ ڊي جي مناسب نظرداري، اسڪيم ۽ پلانٽن جي آپريشن ۽ نظرداري بابت مسئلن جو پندرنھنوار تجزيو ۽ رپورٽ سيڪريٽري پي ايڇ اي کي اماڻڻ لازمي ھوندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں