ڪنگنا کانپوءِ ريتڪ جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪار ريتڪ روشن جو ڪنگنا کانپوءِ اداڪارا ديشا پٽني سان هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو. اداڪار ريتڪ روشن اڃان هڪ تڪرار کان ٻاهر نڪتو ئي هو ته هڪ ٻئي تڪرار جو شڪار ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا ۾ افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته ريتڪ روشن ۽ فلم باغي ٽو جي مرڪزي اداڪارا ديشا پٽني يش راج بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا جتي ريتڪ روشن اداڪارا سان فلم جي سيٽ تي ويجهڙائي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ريتڪ روشن جي غير مناسب رويي سبب ديشا فلم کان پاسو ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا ديشا پٽني ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن افواهن جي ترديد ڪندي چيو  آهي ته ريتڪ روشن تمام باوقار ۽ خوش رهندڙ انسان آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں