آئرلينڊ ٻي ون ڊي مئچ ۾ افغانستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪرائي ورتي

بيلفاسٽ(اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 1-1 جي برابري هاصل ڪري ورتي. افغانستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. نجيب الهه 42، ڪپتان اصغر افغان 39 ۽ رحمت 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ٽم مرتگهه 10 اوورن ۾ فقط 30 رنسن جي عيوض 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو. چيز، ڪيون اوبرائن ۽ سيمي سگهه 1-1 شڪار ڪيو. جواب ۾ آئرلينڊ ۾ آئرلينڊ گهربل هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي 43.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. اينڊي پاليبرين 60، پال اسٽرلنگ 39 ۽ سيمي سنگهه 36 رنسن جي اننگ کيڏي. راشد خان 3 ۽ محمد نبي 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ٽم مرتگهه کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ۽ سيريز جي فيصلائتي ميچ سڀاڻي ساڳئي گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں