مني لانڊرنگ ڪيس: فائدو کڻندڙن ۾ بيوروڪريٽس، اڳوڻن وزيرن سميت 400 ماڻهو شامل

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) مني لانڊرنگ ڪيس بابت ايف آءِ اي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته رقم مان فائدو کڻندڙن جو تعداد 400 جي لڳ ڀڳ آهي جن ۾ سينيئر بيوروڪريٽس ۽ اڳوڻا وزير به شامل آهن. وفاقي جاچ اداري جعلي بينڪ اڪائونٽس سان مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي جنهن سلسلي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ڪالهه ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پيش ٿيا جتي انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس بابت جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ گڏيل جاچ ٽيم ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ايف آءِ اي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ رقم مان فائدو وٺندڙن جو تعداد 400 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن ماڻهن ۾ سياستدان ۽ بيوروڪريٽس سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس جي پهرئين مرحلي ۾ 32 ماڻهن جي خلاف جاچ جاري آهي جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ 400 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي پيسن مان فائدو کڻندڙن جي فهرست ايف آءِ اي تيار ڪري رکي آهي، انهن ماڻهن ۾ سنڌ جا اڳوڻا وزير به شامل آهن. ذريعن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ مختلف سينيئر بيوروڪريٽس جون فهرستون به تيار آهن جن ۾ ڪجهه بيوروڪريٽس لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں