سنڌ جي 7 ضلعن جي وڌيڪ 148 ديهن ۾ مفت ڪڻڪ ۽ چارو ورهائڻ جو فيصلو، ٽينڪرن وسيلي پاڻي پهچائڻ جو حڪم

ڪراچي  (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڏڪار جي صورتحال کي ڏسندي نظر ۾ رکندي 7 ضلعن جي 148 ديهن ۾ ڏتڙيل ڪٽنبن ۾ ڪڻڪ ورهائڻ، چوپائي مال کي سُيون هڻڻ ۽ انهن جي چاري فراهم ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو هن  ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، زراعتوارو صوبائي وزير اسماعيل راهو، تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه، چيف سيڪريٽري ميجر (ر) اعظم سليمان، چيئرمين ترقياتي و رٿابندي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينو اقبال دراني، سيڪريٽري فشريز اينڊ لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر فضل پيچوهو، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر عثمان چاچڙ، سيڪريٽري زراعت شفيق مهيسر، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري خوراڪ رفيق ٻرڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير گذريل ڪابينا اجلاس ۾ سينئر ميمبر بورڊ اآف ريونيو ڊاڪٽر اقبال دراني جي زير تحت هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري زاعت، سيڪريٽري پي ايڇ اي ڊي، ميرپورخاص ۽ ٿر ضلعي جي ڪمشنرن ۽ عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر شامل هئا. ڪميٽي کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته هو سڀني وڏن اسٽيڪ هولڊرن سميت سول انتظاميا ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل مشوري سان ڏڪار، امدادي اُپائن، ميڪنيزم ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي گهرج جو احاطو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر اقبال دراني وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته سندس جوڙيل ڪميٽي جو هن 21 آگسٽ  تي اجلاس ڪوٺايو  هو ۽ ان کانپوءِ 24 کان 25 آگسٽ تائين ڏڪار سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميٽي ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن سان گڏ اجلاس پڻ منعقد ڪيا جنهن کانپوءِ صورتحال واضح ٿي. ڪميٽي رپورٽ پيش ڪئي ته ٿر جي 167 ديهن (بيراجي علائقن جي 5 ديهن کان سواءِ) ۾ ڏڪار پيل آهي جنهن ۾ عمرڪوٽ جا 25، دادو جا 88، ٺٽي جا 6، قمبر شهدادڪوٽ جا 22، سانگهڙ جا 7 ۽ ضلعي خيرپور جي ڪجهه تعلقن جو هڪ وڏو انگ ڏڪار سٽيل آهي. واضح رهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽابيس تحت ڪڻڪ جي ورڇ وارو ڪم اڳواٽ ئي زير عمل آهي جنهن هيٺ 175565 ڪٽنبن فائدو کڻندا. لاڀ ماڻيندڙ ڪٽنبن ۾ ٿر جا 87565، عمرڪوٽ جا 15442، سانگهڙ جا 14000، دادو جا 19791، ڄامشورو جا 47945، قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جا 822 خاندان شامل آهن. وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي ورڇ وارو عمل صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي ۽ انهيءَ جو ٿرڊ پارٽي کان جانچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته خوراڪ کاتي وٽ ڪڻڪ اڳواٽ ئي موجود آهي جيڪا يونين ڪائونسل جي سطح تي رڪارڊ هولڊرن جي بنياد تي ورهائي وڃي. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اقبال دراني وڏي وزير کي اهو پڻ ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي انهيءَ تي وڏي وزير چيو ته سندن رپورٽ آهن ته 590 آر او پلانٽن مان 443 پلانٽ ڪم ڪن پيا ۽ 147 بجلي ۽ ٻين مسئلن ڪارڻ ڪم نه پيا ڪن. هن چيو ته 237 آر او پلانٽن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جي منتقلي جو ڪم پڻ جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 81 پاڻي جي فراهمي جي اسڪيمن مان 43 فعال جڏهن ته 38 غير فعال آهن. جنهن تي وڏي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي سڀني غير فعال اسڪيمن کي فعال بڻائيندي سندس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن پي ايڇ اي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي پڻ هدايت ڪئي ته هو متاثر ڳوٺن ۾ ٽينڪرن جي ذريعي پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ لاءِ ضروري اُپاءُ ورتو وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پڻ پاڻي جي ٽينڪرن ذريعي پاڻي جي ورڇ بابت مدد ڪندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته چوپائي ماپ جي انتظام لاءِ ڪوبه ميڪنيزم نه آهي ۽ نه ئي چوپائي مال جي باڊي ۽ گاهه جي فراهمي بابت ڪوئي ڊيٽا موجود آهي. هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو چوپائي مال جي ميڪنزم لاءِ هڪ پلان جوڙيو وڃي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ڪڻڪ، گاهه، پاڻي ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايان.

اپنا تبصرہ بھیجیں