اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن واري معاملي کي سياسي بڻايو ويو پر ڪنهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڪميشن 153 ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جڏهن ته جولاءِ 2018ع تائين 3 هزار 4 سئو 62 ماڻهو گم آهن، ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف ڪارروائي جو اختيار اسان وٽ ناهي. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته 200 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ دفاعي ادارن به پنهنجي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي، ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي خلاف ڪارروائي بچاءَ واري وزارت وٽ موجود آهي. هن چيو ته سياسي شخصيتن جا 2 پٽ گم ٿيا ته چيو ويو ته مسنگ پرسنز آهن، 3 مهينن کان پوءِ خبر پئي ته هو پنهنجي مرضي سان جهاد لاءِ افغانستان ويا آهن. نيب چيئرمين چيو ته مسنگ پرسنز جي معاملي کي سياسي بڻايو ويو پر ڪنهن حڪومت سنجيدگي ناهي ڏيکاري، سنجيدگي جو اِهو عالم سنڌ حڪومت مسنگ پرسنز ڪميشن جي آفيس کي ڪيرائڻ جي لاءِ بلڊوزر موڪليو هو، آئون چاهيان ٿو ته مسنگ پرسنز جو ڪيس هاڻ ڪير ٻيو ڏسي ڇو ته نيب ۾ گهڻو ڪم آهي، مسنگ پرسنز جي حوالي سان سڀ کان اهم ڪردار پارليامينٽ جو آهي جڏهن ته ايبٽ آباد ڪيمشن جي رپورٽ شايع ٿي وڃي ها ته گهڻيون شيون واضح ٿي وڃن ها. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ منهنجو ادارو آهي ۽ چيف جسٽس سان ملاقات خوشگوار رهي جڏهن ته چيف جسٽس ريفرنس داخل ڪرڻ کي ڳجهو رکڻ جو ناهي چيو پر هن نيب جاچ کي جڳهو رکڻ جو چيو آهي. صحافي سوال ڪيو ته پرڏيهه مان پيسا آڻڻ جي حوالي سان نتيجا ڪڏهن ملندا، نيب چيئرمين چيو ته پرڏيهه مان رقم واپس آڻڻ جي حوالي سان جلد سٺي خبر سامهون اچي ويندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟