شريف خاندان خلاف ريفرنسز ۾وڪيل خواجا حارث جي واجد ضياءَ کان آڏي پڇا

اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتساب عدالت نمبر ٽو جي ججملڪ ارشد نواز شريف جي خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزير اعظم کي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو جڏهن ته نيب جو شاهد واجد ضياءُ به عدالت ۾ موجود هو. عدالت ٻڌڻي جي آغاز تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث واجد ضيا کان سوال ڪيو ته 2 جون 2017ع تي قطري خط لکڻ کان اڳ حسين جو بيان قلمبند ٿي چڪو هو؟ جي آءِ سربراهه واجد ضيا جواب ڏنو ته جي بلڪل خط لکڻ کان اڳ حسين نواز جو بيان قلمبند ٿي چڪو هو. نواز شريف جي وڪيل ٻڌڻي دوران شاهد واجد ضياءَ کي بدديانت چيو جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ ڪنهن کي بد ديانت چوڻ غلط آهي. خواجا حارث چيو ته آئون پنهنجا لفظ واپس ٿو وٺان جنهن تي واجد ضياءَ چيو ته توهان مون کي بد ديانت چيو ته لفظ واپس نه وٺو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته توهان ڳالهه ڪندا آهيو بعد ۾ معذرت ڪندا آهيو جنهن تي خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن توهان کي قبول ناهي ته آئون پنهنجن لفظن تي قائم آهيان. معزز جج ريمارڪس ڏنا ته حسين نواز عدالت ۾ موجود ناهي، مسئلي کي اٿارڻ جي ضرورت ناهي جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته واجد ضياءَ جي بيان سان حسين نواز جو ذڪر ڪڍي ڇڏجي ته ڇا بچندو؟ شاهد واجد ضيا عدالت کي ٻڌايو ته اهڙو آرڊر ناهي ته ذميوار شخص جو نالو اسان ظاهر نٿا ڪري سگهون جنهن تي احتساب عدالت جي جج چيو ته سپريم ڪورٽ جي 10 جولاءِ 2017ع جي حڪم نامي جي ڪاپي ريڪارڊ تي آڻيو. بعد ۾ احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ گذري ٻڌڻي تي معزز جج ارشد ملڪ خواجا حارث سان مڪالمو ڪندي چيو ته 6 هفتن جو وقت کڻي اچي ويا آهيو پوءِ جنهن تي هن جواب ڏنو ته مون ناهي ورتو اُهو ته سپريم ڪورٽ 6 هفتن جو وقت ڏنو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں